اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي هوابازي جي شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪندي نيو جنرل ايوي ايشن ايروڊوم مريدڪي تي پهرين آزمائشي اڏام ڪاميابي سان لينڊ ڪري وئي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (پي اي اي) مطابق اها اڏام لاهور انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان روانو ٿي مريدڪي پهتي، جنهن سان ئي ايروڊوم کي باضابطا طور تي فعال قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي طرفان جاري بيان ۾ …
مريدڪي ۾ نيو جنرل ايوي ايشن ايروڊوم تي تاريخي پهرين اڏام جي ڪامياب لينڊنگ، ايروڊوم باقاعده طور تي فعال ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي هوابازي جي شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪندي نيو جنرل ايوي ايشن ايروڊوم مريدڪي تي پهرين آزمائشي اڏام ڪاميابي سان لينڊ ڪري وئي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (پي اي اي) مطابق اها اڏام لاهور انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان روانو ٿي مريدڪي پهتي، جنهن سان ئي ايروڊوم کي باضابطا طور تي فعال قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان تاريخي موقعي تي ڊي جي، پي اي اي، پنهنجي ٽيم کي ڪامياب آزمائشي اڏام تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏنيون ۽ فني عملي، انجينئرز، ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولرز ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ڪاڪردگي کي ساراهيو. ڊي جي پي اي اي چيو ته نيو جنرل ايوي ايشن ايروڊوم مريدڪي جي مستقبل ۾ جنرل ايوي ايشن جو هڪ اهم مرڪز بڻجي ويو.











