اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته انساني حقن جي عالمي پڌرنامي (يو ڊي ايڇ آر) جي منظوري جي 77هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان عالمي برادري سان ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته هو انساني وقار، بنيادي آزادين ۽ سمورن انسانن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. انساني حقن جي عالمي …
پاڪستان جي حڪومت عالمي ذميوارين ۽ انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي عزم تحت ڪيترائي قدم کنيا آهن: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته انساني حقن جي عالمي پڌرنامي (يو ڊي ايڇ آر) جي منظوري جي 77هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان عالمي برادري سان ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته هو انساني وقار، بنيادي آزادين ۽ سمورن انسانن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي حڪومت عالمي ذميوارين ۽ انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي عزم تحت ڪيترن ئي اداراجاتي، پاليسي ۽ قانونسازي بابت عورتن، ٻارن ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قدم کنيا آهن. اقليتن بابت قومي ڪميشن ايڪٽ 2025ع جو لاڳو حڪومت جي ان ويزن جي هڪ اهم اڳڀرائي آهي جيڪو اقليتن جي لاءِ موثر دادرسيءَ جي نظام کي يقيني بڻائڻ جي لا ڪيو ويو آهي. انساني حقن واري ڪائونسل (ايڇ آر سي) جي ميمبر جي طور تي پاڪستان جي تازو ڇهون ڀيرو چونڊ ان ڳالهه جو مظهر آهي ته عالمي برادري کي پاڪستان جي قومي ۽ عالمي سطح تي انساني حقن جي عالمي فريم ورڪ جي مقصدن جي فروغ ۾ نمايان خدمتن تي ڀرپور اعتماد آهي، اسان سمورن ميمبر ملڪن سان تعميري انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۽ انساني حقن جي سمورن رخن بشمول معاشي، سماجي ۽ ثقافتي حقن، جڏهن ته ترقي کي اهميت ڏيڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته ان ڏينهن جي مناسبت سان اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ مسلسل غيرملڪي قبضي جي ڪري ڪروڙين انسان محرومي، ناانصافي ۽ عزتِ نفس تي حملن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان جو نمايان مثال والاريل ڪشمير ۽ والاريل فلسطيني علائقو آهي جتي قبضي هيٺ غوام پنهنجي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ظلمن کي منهن ڏئي رهي آهي. نائب وزيراعظم وڌندڙ اسلامو فوبيا جي لهر تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان وڌندڙ مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسلامو فوبيا ڪيترن ئي معاشرن ۾ نفرت ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان بنا ڪنهن فرق جي هر ڪنهن جي لاءِ انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي تحفظ جي پنهنجي عزم تي قائم آهي ۽ ان سلسلي ۾ درپيش موجوده ۽ اڀرندڙ چئلينجز جي حل لاءِ عالمي تعاون ۾ اضافي جو منتظر آهي.











