اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان هيبي جوهانگ انرجي ٽيڪنالاجي جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چين جي ڪمپني جي تجويز ڪيل سيڙپڪاري جي منصوبي جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان توانائي، ٽيڪنالاجي، زرعي جدت ۽ صنعتي ترقيءَ جي شعبن ۾ …
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان چين جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان هيبي جوهانگ انرجي ٽيڪنالاجي جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چين جي ڪمپني جي تجويز ڪيل سيڙپڪاري جي منصوبي جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان توانائي، ٽيڪنالاجي، زرعي جدت ۽ صنعتي ترقيءَ جي شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ بهترين موقعا فراهم ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شمسي توانائي ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري پاڪستان جي مستقبل جي توانائي نظام لاءِ نهايت اهميت رکي ٿي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ چيني سيڙپڪارن کي خاص اقتصادي زونز (ايس اي ايز) بابت مڪمل رهنمائي فراهم ڪري رهيو آهي، جتي سيڙپڪارن لاءِ 10 سالن تائين انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ سميت پُرڪشش مراعتون پڻ دستياب آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ بهتر سيڙپڪاري ماحول پيدا ٿي چڪو آهي ۽ حڪومت ڪاروباري طبقي کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. وفاقي وزير وڌيڪ ٻُڌايو ته بزنس فيسيليٽيشن سينٽر تحت سنگل ونڊو نظام سيڙپڪارن کي تيز رفتار منظوري، دستاويزن تائين پهچ ۽ ڪاروباري آسانيون فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته انهن سڌارن عيوض پاڪستان خطي ۾ هڪ پُرڪشش سيڙپڪاريءَ جي مرڪز طور اُڀري رهيو آهي. وزير سيپٽمبر 2025ع ۾ منعقد ٿيل چائينا بي ٽو بي سيڙپڪاري ڪانفرنس جي ثمرن جو پڻ حوالو ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڪيترا ئي گڏيل منصوبا جوڙيا پيا وڃن ۽ گڏيل اقتصادي ناتا پهرين کان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ ان جي قيادت ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، شفافيت، ڪاروباري آسانيون ۽ عالمي سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي لاءِ پوريءَ طرح پُرعزم آهي.











