پاڪستاني روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ ملڪي معيشت جي بحالي ۽ معاشي استحڪام لاءِ نهايت اهم آهي: گورنر ڪامران خان ٽيسوري

ڪراچي-09 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پاڪستاني روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ ملڪي معيشت جي بحالي ۽ معاشي استحڪام لاءِ نهايت اهم آهي. روانگي واپار ۾ اضافو نه فقط مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن کي مضبوط ڪري ٿو پر روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ، صنعتن جي سرگرمين کي تيز ڪرڻ ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪستان جو مقابلو وڌائڻ ۾ به بنيادي …

ڪراچي-09 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پاڪستاني روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ ملڪي معيشت جي بحالي ۽ معاشي استحڪام لاءِ نهايت اهم آهي. روانگي واپار ۾ اضافو نه فقط مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن کي مضبوط ڪري ٿو پر روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ، صنعتن جي سرگرمين کي تيز ڪرڻ ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪستان جو مقابلو وڌائڻ ۾ به بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن 31هين اسپيشلائزڊ ٽريننگ پروگرام (ايس ٽي پي) ڪامرس اينڊ ٽريڊ گروپ (سي ٽي جي) ۾ شرڪت ڪندڙن سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات دوران ڪيو. گورنر چيو ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن لاءِ آسان پاليسيون، واپار دوست ماحول ۽ عالمي معيار موجب سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي مصنوعات کي عالمي سطح تي اثرائتي طريقي سان متعارف ڪرائڻ لاءِ مارڪيٽنگ، تحقيق، جدت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌيڪ وڌايو ويندو.گورنر پرڏيهي سيڙپڪاري، واپار ۽ فارين ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ (ايف ڊي آءِ) جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ملڪي معيشت کي مستحڪم بنائڻ لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سيڙپڪارن کي آسانيون، شفاف قانون ۽ محفوظ ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ پاڪستان جي معيشت ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. گورنر ٻڌايو ته ڄاڻايل تربيتي پروگرام ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) جي انتظام هيٺ جاري آهي، جنهنجو مقصد آفيسرن کي عالمي واپار، ڪسٽمز جي جديد نظام، پاليسي سڌارن ۽ معاشي چئلينجن بابت پيشيوراڻين مهارتن سان آراسته ڪرڻ آهي. ملاقات دوران شرڪت ڪندڙن گورنر ڪامران خان ٽيسوري کي پنهنجي تربيتي سرگرمين، پاليسي ريسرچ ۽ جاري مطالعن بابت آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن عالمي واپاري لاڙن ۽ پاڪستان جي واپاري ڍانچي ۾ بهتري بابت مختلف تجويزون به پيش ڪيون. سندن چوڻ هو ته ملڪي معيشت کي مستحڪم بنائڻ ۽ واپاري سرگرمين کي اثرائتو بنائڻ لاءِ قانونن ۾ جدت، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو بهتر استعمال ۽ واپاري طبي سهولتون ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري شرڪت ڪندڙن جي تجويزن جي واکاڻ ڪندي چيو ته واپاري ۽ صنعتڪار برادري ملڪ جي معاشي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، ان لاءِ انهن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته گورنر هائوس هر ان تجويز ۽ سڌارن لاءِ کليل آهي جيڪي واپار ۾ آساني ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ جي ڏس ۾ مددگار ثابت ٿين. گورنر وڌيڪ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽلائيزيشن وسيلي سيڙپڪاري ۽ واپار جي شعبي ۾ شفافيت ۽ رفتار آڻڻ ضروري آهي. هن پرڏيهي سيڙپڪارن، واپارين ۽ صنعتڪارن کي غيرضروري رنڊڪن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏنو. گڏوگڏ هن زور ڀريو ته واپاري پاليسين کي عالمي معيار موجب بنائڻ ۽ ملڪي سيڙپڪاري کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ پاڪستان جي اقتصادي ترقي لاءِ اڻٽر آهي. هن نوجوان آفيسرن تي به زور ڀريو ته هو سڌارن تي ٻڌل سوچ کي اڳتي وڌائين ته جيئن پاڪستان مستقبل ۾ خطي جو مضبوط واپار ۽ سيڙپڪاري جو مرڪز بڻجي سگهي. گورنر ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايس ٽي پي جا اهي آفيسر ايندڙ سالن ۾ پاڪستان جي اقتصادي پاليسين ۽ اداري جاتي سڌارن ۽ عالمي واپار ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.