ڪوالالمپور-09 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جا لاڳاپا گڏيل قدرن، مذهبي هم آهنگي ۽ ثقافتي ويجهڙائي سان گڏوگڏ علائقائي خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن. هن ملائيشيا جي سينيٽ جي صدر سينيٽر دادتو آوانگ بيمي بن آوانگ علي باسه ۽ نمائندن واري ايوان جي اسپيڪر تان سري داتو ڊاڪٽر جوهري بن عبدل سان ڌار ڌار ملاقاتون …
پاڪستان ۽ ملائيشيا جا لاڳاپا گڏيل قدرن، مذهبي هم آهنگي ۽ ثقافتي ويجهڙائي سان گڏوگڏ علائقائي خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
ڪوالالمپور-09 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جا لاڳاپا گڏيل قدرن، مذهبي هم آهنگي ۽ ثقافتي ويجهڙائي سان گڏوگڏ علائقائي خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن. هن ملائيشيا جي سينيٽ جي صدر سينيٽر دادتو آوانگ بيمي بن آوانگ علي باسه ۽ نمائندن واري ايوان جي اسپيڪر تان سري داتو ڊاڪٽر جوهري بن عبدل سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران سينيٽ چيئرمين ٻنهي پارليامينٽن جي مضبوط جمهوري روايتن کي اجاگر ڪندي پارلياماني قيادت وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ملائيشيا لاءِ ٻنهي ايوانن ۾ پارلياماني فرينڊ شپ گروپس کي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ ملائيشيا طرفان پارلياماني فرينڊ شپ گروپس جي قيام جي آجيان ڪئي، جنهن سان ٻه طرفي مٽاسٽا وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن نومبر ۾ ملائيشيا جي پارلياماني وفد جي اسلام آباد جي دوري تي ٿورو مڃيو. سينيٽ چيئرمين آسيان انٽر پارلياماني اسيمبلي ۾ پاڪستان کي مبصر جو درجو ڏيڻ تي ملائيشيا جي پارليامينٽ جي حمايت ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن لاءِ ملائيشيا جي حڪومت جي کليل دل سان امداد تي به شڪريو ادا ڪيو. هن تازي اعليٰ سطحي رابطن کي ساراهيندي چيو ته ان نوعيت جي مٽاسٽا ٻه طرفن لاڳاپن ۾ نئون روح ڦُوڪڻ جو سبب بڻجندي آهي. سينيٽ چيئرمين آسيان جي اثرائتي چيئرمين شپ تي ملائيشيا کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ آڪٽوبر ۾ ڪولالمپور ۾ منعقد ٿيل 47 هين آسيان سربراهي ڪانفرنس جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي ملائيشيا جي قيادت کي مبارڪون ڏنيون. معاشي شعبي ۾ سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۾ ملائيشيا جي سيڙپڪاري جي تعريف ڪندي اسپيشل انويسٽمينٽ فسيليٽيشن ڪائونسل جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ملائيشيا جي افرادي قوت جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ پاڪستاني پورهيت عالمي سطح تي پنهنجي محنت ۽ ديانتداري سبب سڃاتا وڃن ٿا. علائقائي معاملن تي ڳالهيون ڪندي سينيٽ چيئرمين فلسطيني عوام جي حقن خاص ڪري غزه ۾ جاري انساني بحران کي نظر ۾ رکندي ملائيشيا جي اصولي ۽ مستقل حمايت جي تعريف ڪئي. افغانستان جي حوالي سان هن امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن خبردار ڪيو ته ڀارت جا جارحاڻا بيان ۽ قدم علائقائي امن لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن. هن زور ڀريو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو دارومدار ڄمون ڪشمير مسئلي کي ڪشميري عوام جي خواهشن موجب منصفاڻي حل ۾ آهي. ملائيشيا جي پارلياماني قيادت چيئرمين سينيٽ جي خيالن تي ٿورو مڃيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين ڪولالمپور ۾ منعقد ٿيندڙ ٽين گلوبل مسلم بزنس فورم کي خطاب ڪيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلامي دنيا ۾ گهري معاشي سهڪار، جدت ۽ اتحاد جي ضرورت ۽ گڏيل معاشي حڪمت عملي ۽ گڏيل منصوبن ذريعي مسلمان ملڪن جي اقتصادي صلاحيت مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو. هن اسلامي فنانس، فن ٽيڪ ۽ پائيدار سيڙپڪاري جي اهميت کي اقتتصادي ترقي جو اهم ذريعو قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۾ نوجوان آبادي، وڌندڙ صارفين جي بازار ۽ هٿي وٺندڙ جدت جي نظام سان پيدا ٿيندڙ نون موقعن کي به اجاگر ڪيو ۽ ملائيشيا جي سيڙپاڪرن ۽ ڪاروباري ادارن کي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل ذريعي تعاون جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ جي دعوت ڏني.











