اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته شفافيت، ديانتداري ۽ احتساب ئي مضبوط پاڪستان جو بنياد آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شفاف نظام اسان جي اولين ترجيح آهي، بدعنواني خلاف زيرو ٽالرينس پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهيون. بدعنواني جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته بدعنواني …
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شفاف نظام اسان جي اولين ترجيح آهي: سينيٽر روبينه خالد
اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته شفافيت، ديانتداري ۽ احتساب ئي مضبوط پاڪستان جو بنياد آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شفاف نظام اسان جي اولين ترجيح آهي، بدعنواني خلاف زيرو ٽالرينس پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهيون. بدعنواني جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته بدعنواني ملڪ جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ان جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششون ضروري آهن، عوام جي وسيلن ۾ خيانت ناقابل معافي ڏوهه آهي، ڪرپشن خلاف جنگ ۾ هر شهري جو ڪردار اهم آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته ديانتدار نظام ئي غريب عوام کي حقيقي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿو، نوجوان نسل کي بدعنواني خلاف اڳتي وڌڻو پوندو، صاف سٿرو نظام ئي اعتماد ۽ ترقي جي ضمانت آهي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي امداد شفاف ترسيل جي نظام ذريعي مستحقن تائين سڌي ريت پهچائي پئي وڃي.












