اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ هزار 900 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 41 هزار 862 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1900 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 41 هزار 862 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 1629 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 80 هزار 454 رپين مان گهٽجي 3 لک 78 هزار 825 رپيا ٿي ويو. جڏهن …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1900 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ
اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ هزار 900 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 41 هزار 862 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1900 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 41 هزار 862 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 1629 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 80 هزار 454 رپين مان گهٽجي 3 لک 78 هزار 825 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 48 هزار 762 رپين مان گهٽجي 3 لک 47 هزار 268 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت ترتيبوار 6102 رپيا ۽ 5231 رپين تي مستحڪم رهي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4214 ڊالر مان گهٽجي 4195 ڊالر ٿي وئي.












