سنڌ جي وڏي وزير پاران شڪارپور ۾ پوليس آپريشن دوران زخمي اهلڪارن جي بهادري جي ساراهه، سندن جلد صحتيابيءَ لاءِ دعا

ڪراچي-09 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شڪارپور ۾ پوليس آپريشن دوران زخمي ٿيل اهلڪارن جي بهادري جي ساراهه ڪندي انهن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعا ڪئي آهي ۽ عيادت جو پيغام موڪليو آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي، ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ظهور سومرو ۽ ٻن اهلڪار جي بهترين علاج …

ڪراچي-09 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شڪارپور ۾ پوليس آپريشن دوران زخمي ٿيل اهلڪارن جي بهادري جي ساراهه ڪندي انهن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعا ڪئي آهي ۽ عيادت جو پيغام موڪليو آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي، ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ظهور سومرو ۽ ٻن اهلڪار جي بهترين علاج کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسپتال انتظاميه کي فوري هدايتون جاري ڪيون آهن. وڏي وزير چيو ته جيڪي ڏوھاري سرنڊر نه ڪندا تھ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڏوھارين خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون. وڏي وزير، آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته شڪارپور ۾ امن ۽ امان هر قيمت تي برقرار رکيو وڃي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته شڪارپور جي منڇر شاهه علائقي ۾ پوليس آپريشن دوران ڊي ايس پي پارس بکراڻي، ڊي ايس پي ظهور سومرو ۽ ٻه اهلڪار زخمي ٿيا، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جي بهادري واري ڪارروائي ۾ 8 ڏوھاري مارجي ويا آهن ۽ گروهه جا اڳواڻ پڻ انجام تي پهتا آهن. اهي ڏوھاري سنگين وارداتن ۽ ڀُنگ جي ڪيس ۾ گھربل ھئا. آپريشن دوران بڪتر بند گاڏيون ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته شڪارپور مان ڏوھارين جو مڪمل انت آندو وڃي ۽ پوليس آپريشن وسيع ڪيو وڃي. ھن چيو تھ امن امان خراب ڪندڙن خلاف ڪا به نرمي نه ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي حفاظت حڪومت جي پهرين ترجيح ۽ ذميواري آهي.

مزید خبریں