لاڙڪاڻو-09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ايئر فورس سکر سينٽر جي انچارج آفيسر ڪمانڊنگ اسڪارڊن ليڊر ايم شبيب دراني پڌرو ڪيو آهي ته پاڪستان ايئر فورس جي ميڊيڪل برانچ جي مختلف شعبن ۾ ماهرن/ ميڊيڪل آفيسرن جي شموليت لاءِ رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي. اي اين ٽي اسپيشلسٽ، آءِ اسپيشلسٽ، سائڪاٽرسٽ، اينسٿيٽسٽ، ريڊيولاجسٽ، نيورو سرجن، اونڪولاجسٽ، آرٿوپيڊڪ ۽ جي ڊي ايم اوز جي شموليت لاءِ لاڳاپيل شعبن جي ماهر ڊاڪٽرن …
پاڪستان ايئر فورس جي ميڊيڪل برانچ جي مختلف شعبن ۾ ماهرن/ ميڊيڪل آفيسرن جي شموليت لاءِ رجسٽريشن شروع
لاڙڪاڻو-09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ايئر فورس سکر سينٽر جي انچارج آفيسر ڪمانڊنگ اسڪارڊن ليڊر ايم شبيب دراني پڌرو ڪيو آهي ته پاڪستان ايئر فورس جي ميڊيڪل برانچ جي مختلف شعبن ۾ ماهرن/ ميڊيڪل آفيسرن جي شموليت لاءِ رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي. اي اين ٽي اسپيشلسٽ، آءِ اسپيشلسٽ، سائڪاٽرسٽ، اينسٿيٽسٽ، ريڊيولاجسٽ، نيورو سرجن، اونڪولاجسٽ، آرٿوپيڊڪ ۽ جي ڊي ايم اوز جي شموليت لاءِ لاڳاپيل شعبن جي ماهر ڊاڪٽرن کي شامل ڪيو ويندو. ان لاءِ 25 کان 35 سال عمر وارن ۽ ڄاڻايل شعبن ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري ۽ ٻيون سندون رکندڙ اميدوارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته پنهنجي اصل تعليمي سرٽيفڪيٽن، سڃاڻپ ڪارڊ، چار عدد پاسپورٽ سائيز ڦوٽن، والد/ والده جي سي اين آءِ سي ڪاپين ۽ ٻين ضروري ڪاغذن سان گڏ پاڪ ايئر فورس سکر سينٽر سان فون نمبر 9310409-071 تي رابطو ڪيو وڃي يا ان جي ويب سائيٽ www.joinpaf.gov.pk تي آن لائن رجسٽريشن ڪرائي وڃي.












