سکر بئراج جي کاٻي پاسي جي واهن ۾ سالياني وارابنديءَ جو اعلان

لاڙڪاڻو-09 ڊسمبر (اي پي پي) سکر بئراج جي ليفٽ بئنڪ ريجن جي چيف انجنيئر سکر بئراج سان لاڳاپيل ڪئنالن جي ضروري ڪم ڪار، مرمت، نگراني جي سلسلي ۾ سالياني وارابنديءَ جو اعلان ڪيو آھي. جاري ڪيل پڌرائي موجب سکر بئراج سان لاڳاپيل ٻارٿ ويسٽ ڪئنال، دادو ڪئنال، خيرپور فيڊر ايسٽ ڪئنال، خيرپور فيڊر ويسٽ ڪئنال، روهڙي مين ڪئنال ۽ نارا ڪئنال سالياني مرمت ۽ ٻئي ڪم ڪار جي سلسلي ۾ …

لاڙڪاڻو-09 ڊسمبر (اي پي پي) سکر بئراج جي ليفٽ بئنڪ ريجن جي چيف انجنيئر سکر بئراج سان لاڳاپيل ڪئنالن جي ضروري ڪم ڪار، مرمت، نگراني جي سلسلي ۾ سالياني وارابنديءَ جو اعلان ڪيو آھي. جاري ڪيل پڌرائي موجب سکر بئراج سان لاڳاپيل ٻارٿ ويسٽ ڪئنال، دادو ڪئنال، خيرپور فيڊر ايسٽ ڪئنال، خيرپور فيڊر ويسٽ ڪئنال، روهڙي مين ڪئنال ۽ نارا ڪئنال سالياني مرمت ۽ ٻئي ڪم ڪار جي سلسلي ۾ 6 جنوري کان 20 جنوري 2026 تائين مڪمل طور بند رهندا، انهن ۾ پاڻي جو وهڪرو زيرو هوندو. ان لاءِ آبادگارن ۽ هارين کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي پنهنجي فصلن جي پاڻيءَ لاءِ متبادل بندوبست ڪن.