لاڙڪاڻو-09 ڊسمبر (اي پي پي) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو طرفان شڪارپور واقعي ۾ ڊي ايس پي جوڙي سميت 3 پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ ۽ 8 ڏوهارين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. ڏوهارين جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ظهور سومرو شديد زخمي ٿيا آهن. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڊي ايس پي …
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو طرفان شڪارپور واقعي ۾ ڊي ايس پي جوڙي سميت 3 پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ ۽ 8 ڏوهارين جي مارجڻ جي تصديق

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-09 ڊسمبر (اي پي پي) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو طرفان شڪارپور واقعي ۾ ڊي ايس پي جوڙي سميت 3 پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ ۽ 8 ڏوهارين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. ڏوهارين جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ظهور سومرو شديد زخمي ٿيا آهن. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڊي ايس پي جوڙي کي جسم جي مٿئين حصي ۾ ٻه ٻه گوليون لڳيون آهن، ضياءُ دين اسپتال سکر ۾ ايڪسريز هلن پيا. ضرورت پوڻ تي ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو. سومر ڏينهن شڪارپور مان لکين رپين جي ڦر جي واردات پيش آئي هئي، جنهن ۾ ڪراڙو ۽ شهزادو شيخ جي گينگ ملوث هئي. ٻنهي ڊي ايس پيز جي اڳواڻي ۾ پوليس قبرستان واري علائقي ۾ ڇاپو هنيو ته ڏوهارين پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني. هن ٻڌايو ته پوليس جي فائرنگ ۾ ڪراڙو ۽ شهزادو شيخ سميت 8 ڏوهاري مارجي ويا آهن. ڊي ايس پي جوڙو پوليس ۾ انتهائي بهادر آهي، ٻه ڏينهن اڳ ئي کين پوليس ميڊل لاءِ نامزد ڪيو ويو هو، سندن صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون.










