اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) قانون واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي تازي رپورٽ ملڪ جي معاشي رخ صحيح ٿيڻ جو واضح ثبوت آهي، رپورٽ موجب 66 سيڪڙو ماڻهن ملڪ ۾ ڪرپشن ۾ گهٽتائي جو اعتراف ڪيو آهي. هو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل …
ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي تازي رپورٽ ملڪ جي معاشي رخ صحيح ٿيڻ جو واضح ثبوت آهي: بئريسٽر عقيل ملڪ/بئريسٽر دانيال چوڌري
اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) قانون واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي تازي رپورٽ ملڪ جي معاشي رخ صحيح ٿيڻ جو واضح ثبوت آهي، رپورٽ موجب 66 سيڪڙو ماڻهن ملڪ ۾ ڪرپشن ۾ گهٽتائي جو اعتراف ڪيو آهي. هو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ جي خطري مان ڪاميابي سان ڪڍي هاڻي معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته عالمي ادارا به پاڪستان جي معاشي بهتري جو اعتراف ڪري رهيا آهن ۽ عوام جو حڪومتي ادارن تي اعتماد وڌيو آهي. هن ان ڪاميابي کي حڪومت جي مسلسل ڪوششن جو نتيجو قرار ڏنو. ملڪي سياست تي ڳالهه ڪندي بئريسٽر عقيل ملڪ واضح ڪيو ته عوام 9 مئي جي واقعن جي ذميوارن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن پاڪ فوج کي نشانو بڻائيندڙن کي حقيقت ۾ دشمن کي موقعو ڏيڻ جي برابر قرار ڏنو. هن پاڪستان تحريڪ انصاف کي بطور اپوزيشن پارٽي مثبت ڪردار ادا ڪرڻ ۽ سياست کي سياست تائين محدود رکڻ جو مشورو ڏنو. بئريسٽر عقيل ملڪ خيبرپختونخواهه جي حالتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اتي نه ترقي آهي نه امن آهي، انهن خراب حالتن جو ذميوار باني پي ٽي آءِ ۽ سندس پارٽي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ دهشتگردي جي خلاف قدمن ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي. هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير تي زور ڏنو ته هو پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪري. هن مفاهمت جي سياست ۽ جمهوريت جي گهرجن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ 13 سالن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، جتي احتساب جي اداري کي تالو لڳل آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) سدائين مفاهمت جي سياست تي يقين رکي ٿي ۽ ڪڏهن به انتقامي سياست ناهي ڪئي. هن معيشت جي بحالي جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ کي ڏيوالپڻي جي خطري مان ڪڍي معاشي ترقي جي راهه هموار ڪئي وئي آهي. هن فرنٽ لائين ورڪرز ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پروپئگنڊه ڪندڙ ناڪام ٿيندا.












