ڪرپشن قومي ترقي جي راھه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آھي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق

اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آھي ته ڪرپشن قومي ترقي جي راھه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آھي. سرڪاري وسيلن جو شفاف استعمال ئي پائيدار ترقي جو ضامن آھي. اھا ڳالھه ھن مالي بدعنواني جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان پنھنجي پيغام ۾ چيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بدعنواني قومي ترقي جي راھه ۾ سڀ کان وڏي …

اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آھي ته ڪرپشن قومي ترقي جي راھه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آھي. سرڪاري وسيلن جو شفاف استعمال ئي پائيدار ترقي جو ضامن آھي. اھا ڳالھه ھن مالي بدعنواني جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان پنھنجي پيغام ۾ چيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بدعنواني قومي ترقي جي راھه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آھي. پارليامينٽ ۽ قومي اسيمبلي ڪرپشن جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آھي. شفافيت، احتساب ۽ قانون جي بالادستي مضبوط جمھوريت جو بنياد آھن. ڪرپشن خلاف قومي جاڳرتا اسان سڀني جي ذميواري آھي. ھن چيو ته ڪرپشن فري پاڪستان لاءِ ادارن ۽ عوام کي ھڪ جھڙو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. قومي وسيلن جو شفاف استعمال ئي پائيدار ترقي جو ضامن آھي. قومي اسيمبلي بدعنواني خلاف اثرائتي قانونسازي لاءِ سرگرم آھي.