اسلام آباد -09 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ جي انتظامي بورڊ توسيعي فنڊ سهولت تحت پاڪستان لاءِ اٽڪل هڪ ارب ڊالرن ۽ ريزيلئينس اينڊ سسٽين ايبليٽي فنڊ تحت اٽڪل 200 ملين ڊالرن جي فنڊز جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عالمي مالياتي فنڊ طرفان جاري پريس پڌرائي موجب آءِ ايم ايف جي انتظامي بورڊ توسيعي فنڊ سهولت تحت پاڪستان جي اقتصادي سڌارن جي پروگرام جو ٻيو جائزو …
عالمي مالياتي فنڊ جي انتظامي بورڊ پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالرن قسط جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد -09 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ جي انتظامي بورڊ توسيعي فنڊ سهولت تحت پاڪستان لاءِ اٽڪل هڪ ارب ڊالرن ۽ ريزيلئينس اينڊ سسٽين ايبليٽي فنڊ تحت اٽڪل 200 ملين ڊالرن جي فنڊز جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عالمي مالياتي فنڊ طرفان جاري پريس پڌرائي موجب آءِ ايم ايف جي انتظامي بورڊ توسيعي فنڊ سهولت تحت پاڪستان جي اقتصادي سڌارن جي پروگرام جو ٻيو جائزو مڪمل ڪري ورتو. ان سان گڏوگڏ ريزليئنس اينڊ سسٽين ايبليٽي فنڊ تحت پروگرام جي پهرين جائزي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان فيصلي جي نتيجي ۾ توسيعي فنڊ سهولت تحت پاڪستان لاءِ اٽڪل هڪ ارب ڊالر ۽ ريزيلئينس اينڊ سسٽين ايبليٽي فنڊ تحت اٽڪل 200 ملين ڊالرز فوري طور تي جاري ٿيندا. جنهن سان ٻنهي انتظامن تحت ڪل رقم جي ادائگي تقريبن 3.3 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. عالمي مالياتي فنڊ 25 سيپٽمبر 2024ع تي پاڪستان لاءِ 37 مهينن تي ٻڌل توسيعي فنڊ سهولت پروگرام جي منظوري ڏني هئي جنهن جو مقصد معيشت کي لچڪدار بڻائيندي پائيدار ترقي کي ممڪن بڻائڻ آهي. ان پروگرام جي بنيادي ترجيحن ۾ مستحڪم معاشي پاليسين جي مسلسل لاڳو ڪرڻ ذريعي ڪلي معيشت جي استحڪام، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي بحالي، ٽيڪس جي دائريڪار ۾ واڌ، چٽاڀيٽي ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافي لاءِ سڌارا، سرڪاري ادارن ۾ سڌارا، عوامي خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري، انساني ۽ فزيڪل سيڙپ جي ترقي ۽ توانائي جي شعبي جي جٽادار بحالي شامل آهي. توسيعي فنڊ سهولت تحت پاڪستان جي پاليسي ڪوششن سان عالمي ماحول ۾ چئلينجز ۽ تازي شديد ٻوڏ باوجود معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ اعتماد جي بحالي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. مالياتي ڪارڪردگي مضبوط رهي، مالي سال 2025ع ۾ 1.3 سيڪڙو بجيٽ سرپلس هدف موجب حاصل ڪئي وئي. ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو ٻوڏ سبب خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافي جو نتيجو آهي، جڏهن ته اهو اضافو عارضي سمجهيو پيو وڃي. مالي سال 2025ع جي پڄاڻي تي مٽاسٽا جي ناڻي جا ڪل ذخيرا 14.5 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا جيڪي هڪ سال اڳ 9.4 ارب ڊالر هئا ۽ اميد آهي ته مالي سال 2026ع ۽ وچين مدي ۾ اهي وڌيڪ بهتر ٿيندا. پريس پڌرائي موجب 28 مهينن تي ٻڌل ريزيليئنس اينڊ سسٽين ايبليٽي فنڊ پروگرام 9 مئي 2025ع تي منظور ٿيو ۽ اهي قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ موسمياتي موزونيت جي حوالي سان پاڪستان جي اختيارين جي ڪوششن ۾ مدد ڪري رهيو آهي. ان پروگرام جي ترجيحن ۾ هر عوامي سيڙپڪاري جي نظام ۽ قدرتي آفتن خلاف لچڪ کي مضبوط بڻائڻ، پاڻي جي محدود وسيلن جي استعمال کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ، قدرتي آفتن جي رد عمل ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ بهتر هم آهنگي، بئنڪن ۽ ڪارپوريٽ ادارن طرفان ماحولياتي خطرن بابت ڄاڻ جي نظام کي بهتر بڻائڻ، پاڪستان جي ماحولياتي ڪمٽمينٽ کي پورو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ميڪرو معاشي خطرن م گهٽتائي ۾ مدد فراهم ڪرڻ شامل آهي. آءِ ايم ايف جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ وقتي چيئر نائجل ڪلارڪ ٻڌايو ته توسيعي فنڊ سهولت پروگرام تحت سڌارن جي لاڳو ٿيڻ سان پاڪستان ۾ تازن لوڏن باوجود ڪلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏني آهي. هن چيو ته سانوڻي ۾ شديد ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي فوري رليف جي ضرورتن کي به نظر ۾ رکندي مالي سال 2026ع جي بنيادي توازن جي هدفن لاءِ اختيارن جو عزم ان جي مالياتي پاليسي جي ساک بهتر بڻائڻ جي عزم جو مضبوط اظهار آهي. ان سان گڏ ئي ٽيڪس پاليسي ۾ شفافيت ۽ سادگي ۽ دائريڪار ۾ وسعت ذريعي آمدني وڌائڻ وارا سڌارا به اڳيان وڌائڻ مالياتي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته جيئن ماحولياتي لچڪ، سماجي تحفط، انساني سيڙپ ۽ عوامي سيڙپڪاري لاءِ مالي گنجائش پيدا ڪري سگهجي. هن ٻڌايو ته موجوده سخت مالياتي پاليسي ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان کي برقرار رکڻ گهرجي ته جيئن ناڻي واڌ اسٽيٽ بئنڪ جي مقرر ڪيل هدف جي اندر رهي. مرڪزي بئنڪ جي مواصلاتي حڪمت عملي ۾ وڌيڪ بهتري سان مانيٽري پاليسي جي اثرائتي نموني جي لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اسٽيٽ بئنڪ کي انٽر بئنڪ فارن ايڪسچينج مارڪيٽ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ گهرجي ۽ مٽاسٽا جي شرح ۾ لچڪ برقرار رکڻ گهرجي ته جيئن مالي لوڏن جو بهتر مقابلو ٿي سگهي. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي رفتار وڌائڻ پاڪستان جي چٽاڀيٽي لاءِ نهايت آهي. تازي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ جي وقت سر لاڳو ڪرڻ سان گردشي قرضن جي ڳاڻيٽي ۽ وهڪري ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. بجلي جي پيداوار ۽ رسد جي خرچن ۾ پائيدار گهٽتائي آڻڻ ۽ پاور ۽ گئس جي شعبي جي نااهلين کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڍانچا جاتي سڌارن کي اڳيان وڌائڻ جون ڪوششون جاري رهڻ گهرجن ته جيئن ترقي جي صلاحيت کولي سگهجي ۽ نجي شعبي جي اعليٰ نوعيت جي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪري سگهجي. ان مقصد لاءِ گورننس ۽ ڪرپشن ڊائيگنوسٽڪ رپورٽ جو شايع ٿيڻ سٺو قدم آهي، ۽ ان سان گورننس سڌارن ۾ تيزي آڻڻ ۾ مدد ملندي.












