پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جي قسط جي منظوري سٺو سنئوڻ آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد -09 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاران پاڪستان لاءِ قسط جي منظوري کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي، ته آءِ ايم ايف مڃيو آهي ته پاڪستان تازي تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ باوجود پروگرام تي مضبوطي سان عملدرآمد کي برقرار رکيو جنهن سان معاشي استحڪام ۾ مدد ملي ۽ مالي ۽ پرڏيهي صورتحال بهتر ٿي. ڪابينه جي …

اسلام آباد -09 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاران پاڪستان لاءِ قسط جي منظوري کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي، ته آءِ ايم ايف مڃيو آهي ته پاڪستان تازي تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ باوجود پروگرام تي مضبوطي سان عملدرآمد کي برقرار رکيو جنهن سان معاشي استحڪام ۾ مدد ملي ۽ مالي ۽ پرڏيهي صورتحال بهتر ٿي. ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي شروعات تي وفاقي وزير، وفاقي وزارتن، سرڪاري ادارن، لاڳاپيل آفيسرن، سينئر سيڪريٽرين ۽ صوبائي حڪومتن جي مضبوط سهڪار جي تعريف ڪئي جن جي ڪري حڪومت جي ڍانچا جاتي سڌارن جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ ۽ آءِ ايم ايف جي توسيعي فنڊ سهولت تحت ٻي جائزي جي ڪامياب ٿيڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته اهو گڏيل عزم ۽ منظم عملدرآمد پاڪستان جي معاشي نظم و ضبط ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي گذريل ڏينهن واري اعلان جي آجيان ڪئي جنهن تحت توسيعي فنڊ سهولت پروگرام جي ٻي جائزي جي مڪمل ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن سان پاڪستان کي اٽڪل هڪ ارب آمريڪي ڊالر ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبليٽي فيسلٽي جي پهرين جائزي جي مڪمل ٿيڻ سان وڌيڪ 200 ملين آمريڪي ڊالرن جي فراهمي ممڪن ٿيندي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف مڃيو آهي ته پاڪستان تازي تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ باوجود پروگرام تي مضبوط عملدرآمد برقرار رکيو. جنهن سان استحڪام ۾ مدد ملي ۽ مالي ۽ پرڏيهي صورتحال بهتر ٿي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف خاص طور تي ٻوڏ جي هنگامي دور دوران پاڪستان جي لچڪ کي مڃيو آهي ۽ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته ملڪ کي فوري طور تي ريسڪيو ۽ رليف سپورٽ لاءِ اپيل ڪرڻ جي ضرورت پيش نه ايندي. هن انهي نتيجي جو ڪريڊٽ حڪومت طرفان محفوظ ڪيل مالياتي ۽ پرڏيهي فنڊز کي ڏنو جن جي عيوض پاڪستان لوڏن کي برداشت ڪرڻ ۽ بحران کي اثرائتي طريقي سان سنڀالڻ جي قابل ٿيو. هن ناڻي وزارت طرفان وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي حمايت تي ٻيهر ٿورو ادا ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهي هم آهنگ ڪوششون معاشي استحڪام طرف اڳڀرائي کي مضبوط بنائڻ ۾ مدد ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جي جائزي هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جي توثيق ڪئي ته پاڪستان ٻوڏ جهڙي بحران کي منهن ڪنهن فوري عالمي امداد جي ضرورت کان سواءِ ڪري سگهي ٿو جيڪو ملڪ جي مستحڪم مالي ۽ پرڏيهي پوزيشن جو مظهر آهي. ناڻي واري وزير ان اعتراف کي خاص ڪري اهڙي وقت ۾ جڏهن آءِ ايم ايف جي ٻنهي پروگرامن تحت اٽڪل 1.3 ارب آمريڪي ڊالرن جي آءِ ايم ايف جي منظوري ملي چڪي آهي کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو.