قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ پاڻي ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي مسئلن تي اجلاس منقعد

اسلام آباد -09 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڻي ۽ فوڊ سيڪيورٽي جهڙن قومي مسئلن تي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايم اين ايز، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد سعيد ۽ آبي وسيلن واري وزارت جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پاڻي جي کوٽ هڪ سنگين قومي مسئلو آهي جنهن …

اسلام آباد -09 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڻي ۽ فوڊ سيڪيورٽي جهڙن قومي مسئلن تي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايم اين ايز، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد سعيد ۽ آبي وسيلن واري وزارت جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پاڻي جي کوٽ هڪ سنگين قومي مسئلو آهي جنهن جي حل لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اثرائتا ۽ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا. هن ٻڌايو ته ان اهم موضوع جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ايم اين ايز کي به خاص دعوت ڏني وئي ته جيئن گڏيل مشاورت ذريعي قومي سطح تي جامع حڪمت عملي جوڙي سگهجي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ آبي وسيلن جي تحفظ ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي مسئلن جو حل اڻٽر آهي. هن چيو ته ان اهم قومي مسئلي جي حل لاءِ قومي يڪجهتي ۽ اجتماعي ڪوششون وقت جي اهم ضرورت آهن. هن چيو ته قومي مسئلن جي حل لاءِ سڀني کي گڏجي فيصلو ڪرڻ فائديمند آهي. اجلاس دوران واپڊا چيئرمين ملڪ کي درپيش آبي چئلينجز، پاڻي جي ذخيرن، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي ضرورتن سان لاڳاپيل تفصيلي بريفنگ ڏني. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته پاڻي جي مسئلن بابت حڪومتي ۽ پارلياماني سطح تي موثر ۽ عمل جوڳيون سفارشون جلد کان جلد ترتيب ڏنيون وڃن ته جيئن ملڪ جي درپيش چئلينجز کي وقت سر منهن ڏئي سگهجي.