اسلام آباد -09 ڊسمبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ سان مخالف ڌر جي اڳواڻ شاهه غلام قادر ملاقات ڪئي. جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ رياست جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته سمورين سياسي پارٽين سان گڏ هڪ هفتي …
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سان مخالف ڌر جي اڳواڻ جي ملاقات
اسلام آباد -09 ڊسمبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ سان مخالف ڌر جي اڳواڻ شاهه غلام قادر ملاقات ڪئي. جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ رياست جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته سمورين سياسي پارٽين سان گڏ هڪ هفتي ۾ مشاورت ڪئي ويندي. چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ نالا جلد موڪليا ويندا. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته آزاد ڪشمير ۾ ايندڙ چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون. چونڊون کي آزاداڻو، منصفاڻو ۽ غير جانبداراڻو بڻائڻ جي حوالي سان حڪومت ۽ مخالف ڌر پنهنجون پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي. ياد رهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ شاه غلام قادر چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي خط لکيو هو جنهن کي نظر ۾ رکندي ملاقات ڪئي وئي.












