اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انڊونيشيا واپار، تعليم، صحت، زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ ۽ پاڪستاني ڊاڪٽرن، ميڊيڪل پروفيسرز ۽ ماهرن کي انڊونيشيا موڪلڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انڊونيشيا جي صدر سان ملاقات انتهائي مثبت ۽ تعميري رهي، سندس دوري سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بلندين تائين پهچندا، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هر آزمائش …
پاڪستان ۽ انڊونيشيا پاران مُختلف شعبن ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ ۽ پاڪستاني ڊاڪٽرن، ميڊيڪل پروفيسرز ۽ ماهرن کي انڊونيشيا موڪلڻ تي اتفاق
اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انڊونيشيا واپار، تعليم، صحت، زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ ۽ پاڪستاني ڊاڪٽرن، ميڊيڪل پروفيسرز ۽ ماهرن کي انڊونيشيا موڪلڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انڊونيشيا جي صدر سان ملاقات انتهائي مثبت ۽ تعميري رهي، سندس دوري سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بلندين تائين پهچندا، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هر آزمائش تي پورو لٿا آهن، عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ٻنهي ملڪن جا خيال هڪ جهڙا آهن. انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو چيو ته پاڪستان پاران صحت جي شعبي ۾ تعاون جي آجيان ڪريون ٿا، تعليم، واپار، زراعت، ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي دستاويزن جي مٽاسٽا واري تقريب ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته صدر پرابوو سوبيانتو انڊونيشيا جو مدبر اڳواڻ آهي، انڊونيشيا جي ڪنهن به صدر جو 7 سالن کانپوءِ پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي، اسان جا لاڳاپا 75 سال پراڻا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هر آزمائش تي پورو لٿا آهن. وزيراعظم چيو ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح انڊونيشيا جي آزادي جي جنگ جي حمايت ڪئي هئي، 1965ع جي جنگ ۾ پاڪستان سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو، هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جا لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته سمورن عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ٻنهي ملڪن جا خيال هڪ جهڙا آهن. هن غزه ۾ اسرائيل پاران جنگبندي جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي. انڊونيشيا جي صدر دوري سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ بلندين تي پهچندا. انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو چيو ته ڀرپور مهمان نوازي ۽ استقبال تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، اسان جا گڏيل مفاد، گڏيل قدر ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ انڊونيشيا ٻه وڏا اسلامي ملڪ آهن، پاڪستان جي فضائي حدن ۾ جي ايف 17 ٿنڊر جهازن جي سلامي منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، انڊونيشيا جي صحت جي شعبي جي لاءِ پاڪستان مان ڊاڪٽرز، ميڊيڪل پروفيسرز ۽ ماهر موڪلڻ سان اسان کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، اسان مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا ڪئي آهي. پاڪستان پاران صحت جي شعبي ۾ تعاون جي آجيان ڪريون ٿا، واپار، تعليم، زراعت، صحت، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ لاڳاپن ۾وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته فلسطين ۽ ٻين مختلف عالمي معاملن تي اسان جا خيال هڪ جهڙا آهن، ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير هڪ ٻئي سان ويجهي رابطي ۾ رهن ٿا، غزه جي معاملي تي اسان جو موقف هڪ آهي. انڊونيشيا جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پنهنجي ملڪ جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، تعليم ۽ صحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا ڪئي وئي.












