پاڪستان ۽ انڊونيشيا پاران مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انڊونيشيا مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن جن ۾ حلال واپار، ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار، اعليٰ تعليم، منشيات جي خلاف قدم ۽ …
پاڪستان ۽ انڊونيشيا پاران مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون

اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انڊونيشيا مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن جن ۾ حلال واپار، ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار، اعليٰ تعليم، منشيات جي خلاف قدم ۽ صحت جا شعبا شامل آهن. اهي معاهدا وزيراعظم هائوس ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ ڪيا ويا جنهن ۾ انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. ٻنهي اڳوڻن تقريب دوران معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي دستاويزن جي مٽاسٽا جو مشاهدو ڪيو جڏهن ته ڌرين جي لاڳاپيل وزيرن پاران صحيحون ٿيل معاهدا ۽ مفاهمت جون يادداشتون (ايم او يوز) باقاعده طور تي هڪ ٻئي جي حوالي ڪيا ويا. انڊونيشيا جي اعليٰ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ پاڪستان جي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي وچ ۾ اعليٰ تعليم جي سرٽيفڪيٽس ۽ ڊگرين جي گڏيل سڃاڻپ جي حوالي سان معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ پاڪستان پاران تعليم، پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ انڊونيشيا جي هم منصب برائن يوليارٽو جي وچ ۾ صحيحن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي حڪومتن جي وچ ۾ ”انڊونيشين ايڊ اسڪالرشپ پروگرام“ جو معاهدو پڻ ڪيو ويو، انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سگيونو ۽ خالد مقبول صديقي جي وچ ۾ ان سلسلي ۾ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. حلال واپار ۽ سرٽيفڪيٽس جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت بابت دستاويزن جي مٽاسٽا انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير ۽ واپار واري وزير ڄام ڪمال خان جي وچ ۾ ٿي. قومي غذائي تحفظ واري وزير راڻا تنوير حسين ۽ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز) جي لاءِ سهولتڪاري ۽ ڪاروباري ترقي جي حوالي سان ايم او يو جي دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. ٻنهي ملڪن آرڪائيوز ۾ تعاون جي لاءِ ايم او يو تي پڻ صحيحون ڪيون، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سگيونو جي وچ ۾ ان سلسلي ۾ دستاويزن جي مٽاسٽا ٿي. هن منشيات جي اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ان جي خلاف تعاون جي لاءِ ايم او يو تي صحيحون ۽ دستاويزن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي. صحت جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ ايم او يو جي دستاويزن جي مٽاسٽا انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير ۽ قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي وچ ۾ ٿي.