اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت عوامي تاثر تي ٻڌل رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سروي موجب عوام جي وڏي انگ اها راءِ ڏني آهي ته اسان جي حڪومت جي دوران انهن کي ڪرپشن کي منهن ڏيڻو پيو، عوام جي اها راءِ ڪرپشن جي خلاف جنگ ۽ شفافيت جي فروغ جي حوالي سان …
وزيراعظم پاران ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت عوامي تاثر تي ٻڌل رپورٽ تي اطمينان جو اظهار
اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت عوامي تاثر تي ٻڌل رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سروي موجب عوام جي وڏي انگ اها راءِ ڏني آهي ته اسان جي حڪومت جي دوران انهن کي ڪرپشن کي منهن ڏيڻو پيو، عوام جي اها راءِ ڪرپشن جي خلاف جنگ ۽ شفافيت جي فروغ جي حوالي سان اسان جي ڪوششن جو اعتراف آهي، ملڪ جي معيشت جي وڌيڪ بهتري، عوام کي بهترين خدمتن جي فراهمي ۽ ڪرپشن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت عوامي تاثر تي ٻڌل رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سروي ۾ عوام جي وڏي انگ اها راءِ ڏني آهي ته اسانجي حڪومت جي دوران انهن کي ڪرپشن کي منهن نه ڏيڻو پيو ۽ عوام جي اها راءِ ڪرپشن جي خلاف جنگ ۽ شفافيت جي فروغ جي حوالي سان اسان جي ڪوششن جو اعتراف آهي، عوام جي اڪثريت معيشت جي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ڪامياب قرار ڏنو جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي، ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي اها رپورٽ حڪومت پاران ڪيل سڌارن جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان حڪومت جي هر شعبي ۾ ميرٽ ۽ شفافيت سان ڀرپور نظام جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪيو ۽ ان حوالي سان وڌيڪ ڪم ڪري رهيا آهيون، بهتر ٿيندڙ معاشي انگ اکر، سڌارن ۽ حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مثبت عوامي راءِ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام سان ترقي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، ملڪ جي معيشت جي وڌيڪ بهتري، عوام کي بهترين خدمتن جي فراهمي ۽ ڪرپشن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.












