انڊونيشيا جي صدر پرابووو سوبيانتو جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال

اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) انڊونيشيا جي صدر پرابووو سوبيانتو جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر جو استقبال ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو. اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس پهچڻ تي انڊونيشيا جي صدر جي اعزاز ۾ هڪ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. انڊونيشيا جي …

اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) انڊونيشيا جي صدر پرابووو سوبيانتو جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر جو استقبال ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو. اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس پهچڻ تي انڊونيشيا جي صدر جي اعزاز ۾ هڪ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. انڊونيشيا جي صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. انڊونيشيا جي صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن جو انڊونيشيا جي صدر سان تعارف ڪرايو. انڊونيشيا جي  صدر وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.