اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته ان جا ادارا مضبوط، غيرجانبدار ۽ انصاف جي اصولن تي قائم هجن، پاڪستان وقت سان گڏ احتساب جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، اڄ اسان دنيا سان گڏجي گڏيل قومن جي بدعنواني جي خاتمي وارو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، هي ڏينهن …
ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته ان جا ادارا مضبوط، غيرجانبدار ۽ انصاف جي اصولن تي قائم هجن: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته ان جا ادارا مضبوط، غيرجانبدار ۽ انصاف جي اصولن تي قائم هجن، پاڪستان وقت سان گڏ احتساب جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، اڄ اسان دنيا سان گڏجي گڏيل قومن جي بدعنواني جي خاتمي وارو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، هي ڏينهن ياد ڏياري ٿو ته بدعنواني جي خلاف جدوجهد حڪومتن، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ هر شهري جي گڏيل ذميواري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اڄ اسان دنيا سان گڏجي گڏيل قومن جي بدعنواني جي خاتمي وارو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هي ڏينهن 2003ع ۾ ان لاءِ مقرر ڪيو هو ته بدعنواني سان ٿيندڙ نقصانن تي عالمي ڌيان ڇڪرايو وڃي ۽ ان ڪنوينشن جي اهميت اجاگر ٿئي جنهن جو مقصد ڪرپشن کي روڪڻ آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته هي ڏينهن ياد ڏياري ٿو ته بدعنواني جي خلاف جدوجهد حڪومتن، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ هر شهري جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته بدعنواني عوام جو اعتماد ڪمزور ڪري ٿي، ادارن جي ڪارڪردگي متاثر ڪري ٿي ۽ وسيلا انهن ماڻهن تائين نه ٿي پهچڻ ڏي جن کي انهن جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هوندي آهي، اها ترقي جي رفتار سست ڪري ڇڏي ٿي، قانون جي بالادستي تي يقين گهٽ ڪري ٿي ۽ بنيادي سرڪاري خدمتن کي پڻ متاثر ڪري ٿي. صدر چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته ان جا ادارا مضبوط، غيرجانبدار ۽ انصاف جي اصولن تي قائم هجن. هن چيو ته پاڪستان وقت سان گڏ احتساب جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، مختلف مالي بي ضابطگين، اختيارن جي غلط استعمال ۽ سرڪاري زمينن تي ناجائز قبضن جي ڪيسن ۾ سرڪاري رقم ماڻهن کان واپس ورتي وئي آهي. هن چيو ته انهن ڪاررواين سان متاثر شهرين کي ريليف مليو ۽ ڪيترن ئي ادارن کي انهن جا اثاثا واپس ٿيا، اهي مثال ثابت ڪن ٿا ته جڏهن ادارا سچائي سان ڪم ڪن ۽ پنهنجي قانوني دائري ۾ رهن ته سٺا نتيجا نڪرن ٿا. صدر چيو ته گڏ ئي اهو به ضروري آهي ته احتساب جا ادارا سياسي وابستگين کان مٿانهون رهن، ڪنهن سان امتيازي سلوڪ نه ڪن ۽ پنهنجي ڪاررواين کي رڳو قانون ۽ شفاف طريقيڪار موجب هلائين. صدر آصف علي زرداري چيو ته شفافيت، پيشيواراڻو معيار ۽ اخلاقي طرز عمل ئي ادارن جي ساک ٺاهين ٿا، جيڪي ادارا انهن اصولن کي اختيار ڪن ٿا اهي نه رڳو بدعنواني کي روڪين ٿا پر عوام جو اعتماد به مضبوط ڪن ٿا. صدر چيو ته ان موقعي تي آئون سمورن سرڪاري ملازمن، پيشيور ماڻهن ۽ شهرين کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي ايمانداري ۽ سٺي حڪمراني جي عزم جو ورجاءُ ڪن، ديانتداري تي قائم اسان جو گڏيل عزم پاڪستان جي ادارن کي مضبوط ڪندو ۽ قومي استحڪام ۽ ترقي جي سفر ۾ مدد ڏيندو. صدر چيو ته آئون شفافيت ۽ احتساب جي لاءِ ڪم ڪندڙ سمورين تنظيمن جي ڪاميابي جي لاءِ دعاڳو آهيان ۽ اميد ڪريان ٿو ته اهي پاڪستان ۾ هڪ صاف ۽ بدعنواني کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا











