پاڪ فوج ۽ انهن جي سربراهن تي تنقيد بليڪ ميلنگ آهي، ڪنهن جي ڪُلهي تي ويهي اقتدار تائين پهچندڙ اڄ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيا آهن: طلال چوڌري جو وڊيو بيان

اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ انهن جي سربراهن تي تنقيد ڪرڻ بليڪ ميلنگ آهي، ڪنهن جي ڪُلهي تي ويهي اقتدار تائين پهچندڙ اڄ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيا آهن، حق جي ويڙهه ۾ دشمن کي شڪست ڏيندڙ پاڪ فوج کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، پي ٽي آءِ جي پشاور جلسي ۾ ادارن تي الزام لڳايا …

اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ انهن جي سربراهن تي تنقيد ڪرڻ بليڪ ميلنگ آهي، ڪنهن جي ڪُلهي تي ويهي اقتدار تائين پهچندڙ اڄ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيا آهن، حق جي ويڙهه ۾ دشمن کي شڪست ڏيندڙ پاڪ فوج کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، پي ٽي آءِ جي پشاور جلسي ۾ ادارن تي الزام لڳايا ويا، هر ڏينهن پي ٽي آءِ باني جي ايڪس هينڊل تان پرڏيهي ادارن خلاف بنا جواز تنقيد ڪئي ٿي وڃي، ڪيستائين ڪو خاموشي اختيار ڪري سگهي ٿو. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته عوام پشاور ۾ پي ٽي آءِ جلسي ۾ سندن حال ڏسي ورتو آهي، پشاور جلسي ۾ سواءِ گارگند ۽ تنقيد جي ڪجهه نه هو، ڊي جي آءِ ايس پي آر انهن جي باري ۾ جيڪي مهاورتن طور ڳالهيون ٻُڌايون اهي پشاور جي جلسي ۾ ثابت ٿي ويون ته هي اصل ۾ اهي ئي آهن. مملڪتي وزير پي ٽي آءِ تي ڪَڙي تنقيد ڪندي چيو ته پاڻ کي سڀ ڪجهه ضروري ۽ اڻٽر سمجهڻ وارو ذهني مريض ئي ٿي سگهي ٿو، هاڻ ڳالهين جي دعوت نه ڏني ويندي. هن چيو ته هي ماڻهو اڊيالا جيل ۾ ٻين قيدين لاءِ پڻ خطرو بڻجي رهيا آهن، هي هاڻ اڊيالا جي ٻاهر تماشو ڪندا، جيل ۾ ٻين قيدين لاءِ خطرو بڻجندا ته قيدين کي اُتي رکيو ويندو جتي هو محفوظ رهن، وڳوڙين کي ٻُڌايو ويندو ته قانون تي عملدرآمد ڪئين ٿئي ٿو. سندس چوڻ هو ته سندس پارٽي جي روش آهي ته پاڪستاني ادارن تي تنقيد ڪئي وڃي، ذهني مريض ڪڏهن به ملڪ جي حق ۾ ڳالهيون نه ڪندو، ذهني مريض مان ڪنهن کي به فيض حاصل نه ٿيندو، پُٺ نه هجي ها ته اوهان ته وزيراعظم به نٿي بڻي سگهيا، جوهري پور جي چونڊ نٿا کٽي سگهن، هو لاهور ۽ فيصل آباد ۾ ڇا مقابلو ڪندا.