اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر عابد شير علي کي بنا مقابلي سينيٽر چونڊجڻ تي دلي مبارڪ پيش ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جون ملڪ ۽ قوم لاءِ سياسي، سماجي ۽ جمهوري خدمتون تعريف جوڳيون آهن ۽ پارٽي عوامي خدمت جي ميدان ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو …
سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان پاران عابد شير علي کي بنا مقابلي سينيٽر چونڊجڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر عابد شير علي کي بنا مقابلي سينيٽر چونڊجڻ تي دلي مبارڪ پيش ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جون ملڪ ۽ قوم لاءِ سياسي، سماجي ۽ جمهوري خدمتون تعريف جوڳيون آهن ۽ پارٽي عوامي خدمت جي ميدان ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. سيدال خان چيو ته مسلم ليگ (ن) جون ڪاميابيون قيادت جي ويزن ۽ مسلسل محنت جو نتيجو آهن ۽ انهن ڪاميابين ۾ ميان محمد نواز شريف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مدبراڻي قيادت جو اهم ڪردار آهي. وقتي چيئرمين چيو ته عابد شير علي جو بنا مقابلي سينيٽر چونڊجڻ سمورن ميمبرن جي ڀرپور اعتماد ۽ انهن جي سياسي بصيرت ۽ عوامي خدمت جو واضح مظهر آهي. هن چيو ته نئون چونڊيل سينيٽر ماضي ۾ عوامي ڀلائي لاءِ خدمتون انجام ڏنيون آهن ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ سندس ڪردار هميشه هاڪاري رهيو آهي. سيدال خان ان اميد جو اظهار ڪيو ته عابد شير علي قومي اسيمبلي وانگر سينيٽ ۾ به پنهنجي مدبراڻي حڪمت عملي، سياسي بصيرت ۽ تجربي جي بنياد تي موثر قانونسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ سينيٽ جي وقار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.











