اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان سوڊان سان ڀائپي وارن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، صحت جي شعبي ۾ پاڪستان سان سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ سوڊان جي دلچسپي کي ساراهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوڊان جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير سوڊان سان صحت جي شعبي ۾ …
پاڪستان سوڊان جي طبي عملي جي تربيت، علم ۽ تجربي جي ماهرن جي مٽا سٽا لاءِ تيار آهي: مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان سوڊان سان ڀائپي وارن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، صحت جي شعبي ۾ پاڪستان سان سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ سوڊان جي دلچسپي کي ساراهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوڊان جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير سوڊان سان صحت جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبطو بنائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، پاڪستان سوڊاني طبي عملي جي تربيت، علم ۽ تجربي جي ماهرن جي مٽا سٽا کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان سهڪار کي ڪنهن مخصوص شعبي تائين محدود نه ٿو رکڻ چاهي. هن چيو ته فارماسيوٽيڪل، ميڊيڪل ڊوائسز ۽ ريگيوليٽري معاملا ڊريپ جي دائره ڪار ۾ اچن ٿا، پاڪستان ڊبليو ايڇ او جي ريگيوليٽري ميچورٽي ليول 3 کي حاصل ڪرڻ طرف اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ ميڊيڪل ٽوارزم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته ويزا سهولتڪاري جا معاملا پاڪستاني سفارتخاني سان مشاورت سان اڳتي وڌايا ويندا، پرڏيهي وزارت موثر ۽ وقت سر اڳڀرائي لاءِ گڏيل سهڪار جي يادداشت عمل کي تيز ڪندي. هن چيو ته پاڪستان هنگامي رد عمل، بحالي، سگهه ۾ اضافي ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداري لاءِ ڀرپور سهڪار جاري رکندو. ملاقات ۾ سوڊاني وفد ملڪ ۾ جاري صحت جي شعبي ۾ چئلينجز بابت وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته سوڊان ايندڙ 5 سالن تي ٻڌل هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي آهي جنهن ۾ اٽڪل 45 صحت جا منصوبا شامل آهن. هن صحت جي شعبي جي بحالي ۽ نئين سر تعمير، طبي اوزارن ۽ ٽيڪنالاجيز جي فراهميءَ ۾ پاسڪتان سان سهڪار جي درخواست ڪئي. صحت مرڪزن ۾ سولر توانائي جي بحالي ۽ اداره جاتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان سان سهڪار جا خواهشمند آهيون. سوڊاني وفد پاڪستان جي لڳاتار سهڪار کي ساراهيندي چيو ته هي دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهتر هم آهنگي ۽ وڌيڪ اثرائتي ڀائيواريءَ جو سبب بڻجندي. ان موقعي تي صحت وارو وفاقي سيڪريٽري حامد يعقوب ۽ وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا.











