عالمي سطح تي پاڪستان جي پذيرائي، وائپا جو قيصر احمد شيخ جي بصيرت ۽ مهارت کي زبردست خراجِ تحسين پيش، 29هين ڪانفرنس ۾ اهم ڪردار جو عزم

اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) ورلڊ ايسوسيئيشن آف انويسٽمينٽ پروموشن ايجنسيز (وائپا) پاڪستان جي سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي 29هين ورلڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ ان جي مُک خطاب کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو آهي. ڪالهه سيڙپڪاري بورڊ طرفان جاري خط موجب وائپا جي سي اي او اسماعيل ايرساهين، وفاقي وزير کي لکيل خاص خط ۾ چيو ته عالمي ڪانفرنس ۾ سندس شرڪت ۽ …

اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) ورلڊ ايسوسيئيشن آف انويسٽمينٽ پروموشن ايجنسيز (وائپا) پاڪستان جي سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي 29هين ورلڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ ان جي مُک خطاب کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو آهي. ڪالهه سيڙپڪاري بورڊ طرفان جاري خط موجب وائپا جي سي اي او اسماعيل ايرساهين، وفاقي وزير کي لکيل خاص خط ۾ چيو ته عالمي ڪانفرنس ۾ سندس شرڪت ۽ بصيرت وارين ڳالهين ايونٽ جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وائپا جي سي اي او پنهنجي خط ۾ اعتراف ڪيو ته قيصر احمد شيخ ”عالمي معاشي تبديليءَ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ سهولتڪاري جي نئين حڪمت عملي“ جي موضوع تي رٿيل سيشن ۾ جنهن مهارت ۽ گهري تجربن سان پنهنجو نقطهءِ نظر پيش ڪيو، ان عالمي سطح تي ڳالهين کي نئون روح بخشيو. خط جي متن موجب وفاقي وزير جي زبردست تجويز عالمي سيڙپڪاري جي مستقبل جي تعين ۽ بامقصد ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردارادا ڪيو. ان تاريخي موقعي تي پاڪستان پاران وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي فعال شرڪت ۽ وابستگي کي عالمي ڪميونٽي ۽ سامعين طرفان ڀرپور پذيرائي ملي. وائپا جي سربراهه ”بهتريءَ لاءِ سيڙپڪاري“ (انويسٽمينٽ فار گڊ) جي مشن تحت مستقبل ۾ به پاڪستان سان سهڪار جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته قيصر احمد شيخ جي مهارت ۽ وابستگي جي گڏيل ڪوششن ۾ قدر جوڳو اضافو ڪندو رهندو. واضح رهي ته هي گڏيل ڪانفرنس 22 ۽ 23 آڪٽوبر تي شارجه ۾ وائپا ۽ انويسٽ ان شارجه طرفان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان سيڙپڪاري جي ماهرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي.