اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف توير اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ بي پناهه گڏيل خير سگالي ۽ افهام و تفهيم تي ٻڌل ويجهن دوستي وارن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ملاقات دوران ٻه طرفي دفاع، هوابازي ۽ اقتصادي …
دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان تاجڪستان جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف توير اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ بي پناهه گڏيل خير سگالي ۽ افهام و تفهيم تي ٻڌل ويجهن دوستي وارن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ملاقات دوران ٻه طرفي دفاع، هوابازي ۽ اقتصادي سهڪار بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير، سمورن ڌيان طلب علائقائي مسئلن جي پر امن حل لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تاجڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. تاجڪ سفير ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ موجود ڀائپي وارن لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي سهڪار لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جي خاطري ڪرائي.











