اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) بي رحم طالبان جي انساني حقن خلاف ڀڃڪڙين ۽ دهشتگردن جي سرپرستيءَ سبب عالمي برادري جا واضح قدم سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. آسٽريليا افغانستان جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي قابض طالبان جي لڳاتار ظلم جي سخت مذمت ڪئي آهي. آسٽريلوي پرڏيهي وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب افغان طالبان تي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي جوابداهيءَ لاءِ دنيا جي …
ظالم طالبان خلاف عالمي برادري جو چِٽو مؤقف، آسٽريليا جو افغانستان خلاف خودمختيار پابندين جو فريم ورڪ تيار
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) بي رحم طالبان جي انساني حقن خلاف ڀڃڪڙين ۽ دهشتگردن جي سرپرستيءَ سبب عالمي برادري جا واضح قدم سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. آسٽريليا افغانستان جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي قابض طالبان جي لڳاتار ظلم جي سخت مذمت ڪئي آهي. آسٽريلوي پرڏيهي وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب افغان طالبان تي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي جوابداهيءَ لاءِ دنيا جي پهرين خودمختيار پابندين جو فريم ورڪ لاڳو ڪيو ويو آهي. فريم ورڪ تحت آسٽريليا کي طالبان تي سڌيءَ ريت پابندين ۽ سفري پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. فريم ورڪ گڏيل قومن تحت موجود 140 طالبان اهلڪارن جي فهرست تي دٻاءُ وڌائيندو. افغانستان کي هٿيار ۽ لاڳاپيل مواد يا خدمتون فراهم ڪرڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ٽن ناليوارن طالبان وزيرن ۽ چيف جسٽس تي پڻ مالي ۽ سفري پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن. فرم ورڪ افغانستان ۾ قانون جي حڪمراني، انساني حقن ۽ گورننس کي نقصان پهچائيندڙ قدمن کي نشانو بنائن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ڪابل جي سقوط کانپوءِ آسٽريليا افغانستان کي 260 ملين ڊالرن کان وڌيڪ انساني امداد فراهم ڪري چڪو آهي. افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون خطي لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪيون آهن، جن جي نشاندهي ڪيترائي ڀيرا پاڪستان ڪيترن ئي فورمز تي ڪري چڪو آهي.












