اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاريءَ سان جي اي ورنووا هائيڊرو پاور جي سي اي او فريڊرڪ ربيراس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي صاف توانائي تي منتقلي، نجي شعبي جي سيڙپڪاري، پن بجلي ۽ توانائي ذخيرو ڪرڻ جي شعبن ۾ سهڪار جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پاور ڊويزن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ان موقعي تي وفاقي وزير …
توانائيءَ واري وفاقي وزير سان جي اي ورنووا هائيڊرو پاور جي سي اي او جي ملاقات
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاريءَ سان جي اي ورنووا هائيڊرو پاور جي سي اي او فريڊرڪ ربيراس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي صاف توانائي تي منتقلي، نجي شعبي جي سيڙپڪاري، پن بجلي ۽ توانائي ذخيرو ڪرڻ جي شعبن ۾ سهڪار جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پاور ڊويزن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ان موقعي تي وفاقي وزير ٻُڌايو ته توانائي جي شعبي کي ترتيبوار مارڪيٽ بيسڊ ماڊل طرف وٺي وڃي رهيا آهيون ۽ مستقبل ۾ بجلي جي خريداري نه ٿيندي. هن ٽرانسميشن سسٽم ۾ پيش ايندڙ مسئلن جو ذڪر ڪندي عالمي سيڙپڪارن کي بي ٽو بي ماڊل تحت سيڙپڪاري جا موقعا تلاش ڪرڻ جي دعوت ڏني. سندس چوڻ هو ته جي اي ورنووا جهڙيون ڪمپنيون سيڙپڪاري ۽ فني معاونت ۾ مضبوط ڀائيوار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هن ٻُڌايو ته پاڪستان گهٽ لاڳت توانائي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي ۽ ويجهڙ ۾ ئي ملڪ جي تقريبن 56 سيڪڙو بجلي صاف ذريعن مان حاصل ڪئي وئي. وفاقي وزير ونڊ پاور جي ٽيڪ آف مسئلن سبب بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز (بي اي ايس ايس) جي وڌندڙ ضرورت تي به زور ڀريو. ان موقعي تي ربيراس گرڊ جي استحڪام لاءِ پمپڊ اسٽوريج هائيڊرو پاور کي هڪ اثرائتي آپشن طور تي پيش ڪيو جنهن کي وفاقي وزير هاڪاري طور تي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت واري متبادل تي غور ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ربيراس هائيڊرو پاور ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. وفاقي وزير ان دلچسپيءَ جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت اهڙن منصوبن جي فهرست فراهم ڪري سگهي ٿي جتي سيڙپڪاري جي بهتر موقعا موجود آهن. وفاقي وزير ڊسڪوز جي نجڪاري بابت پڻ ٻُڌايو ۽ خاص ڪري اي ايم آءِ ميٽرز جي لڳائڻ جهڙن منصوبن ۾ جتي جي اي ورنووا جي فني مهارت مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، ان جي حوالي سان پاور پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ ڪمپني سان مضبوط رابطا ڪاري جي ضرورت تي زور ڀريو. جي اي ورنووا جي قيادت پاڪستان جي پاليسي رُخ کي ساراهيو ۽ هائيڊرو پاور ۽ توانائي ذخيرو ڪرڻ جي منصوبن ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان لاءِ پائيدار، اعتماد جوڳي ۽ گهٽ لاڳت توانائي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل رابطا ۽ سهڪار جاري رکيو ويندو.












