گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران عورت ڊاڪٽر جي اغوا ۽ بعد ۾ قتل تي آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب

پشاور-08 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي  ڊي ايڇ ڪيو ايبٽ آباد جي عورت ڊاڪٽر جي اغوا ۽ بعد ۾ بي رحماڻي قتل تي خيبر پختونخوا پوليس جي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر واقعي تي شديد ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ان سنگين واقعي کي ناقابل فراموش ۽ جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏيڻ انتهائي ضروري قرار ڏنو. هن …

پشاور-08 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي  ڊي ايڇ ڪيو ايبٽ آباد جي عورت ڊاڪٽر جي اغوا ۽ بعد ۾ بي رحماڻي قتل تي خيبر پختونخوا پوليس جي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر واقعي تي شديد ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ان سنگين واقعي کي ناقابل فراموش ۽ جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏيڻ انتهائي ضروري قرار ڏنو. هن چيو ته ڄاڻايل واقعي تي گورنر طور سڄي صوبي جي ڊاڪٽرز برادري ۽ شهيد ڊاڪٽر جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.