صوبائي حڪومت کي پنهنجي قدمن تي غور ڪرڻ گهرجي ته جئين خيبر پختونخوا ۾ امن قائم رهي: گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور-08 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي خلاف سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ صوبي کي مرڪزي حڪومت کان مڪمل سهڪار حاصل ڪرڻو پوندو. فيصل ڪريم ڪنڊي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي تازي ناڪام جلسي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پشاور وزيراعليٰ سهيل آفريدي جو هوم گرائونڊ آهي، پر جلسي ۾ گهٽ ماڻهو گڏ ٿيا. …

پشاور-08 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي خلاف سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ صوبي کي مرڪزي حڪومت کان مڪمل سهڪار حاصل ڪرڻو پوندو. فيصل ڪريم ڪنڊي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي تازي ناڪام جلسي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پشاور وزيراعليٰ سهيل آفريدي جو هوم گرائونڊ آهي، پر جلسي ۾ گهٽ ماڻهو گڏ ٿيا. هن سوال اٿاريو ته جن وزيرن جوش سان ڀرپور تقرير ڪئي، هو ڪيترن ماڻهن کي جلسي ۾ آڻي سگهيا؟. گورنر چيو ته صوبي ۾ انهن جي حڪومت آهي ۽ ڪنهن رڪاوٽ بنا جلسي ۾ عوام جي گهٽتائي سڀ ڪجهه واضح ڪري ڇڏيو، خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ تازي بيانن ۾ پهرين کان بهتر ڳالهيون ڪيون آهن ۽ بهتر ٿيندو ته صوبي جي ترقي ۽ بهتري تي ڏيان ڏنو وڃي. گورنر واضح ڪيو ته گورنر راج لڳائڻ جو اختيار صوبائي حڪومت جي هٿ ۾ آهي ۽ ان کي پنهنجي رويي تي غور ڪرڻو پوندو. فيصل ڪريم ڪنڊي، خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادتن باوجود آپريشن روڪيو ويو ته اهو هڪ غلط پيغام ويندو. هن چيو ته صوبائي حڪومت کي پنهنجي قدمن تي غور ڪرڻ گهرجي ته جئين خيبر پختونخوا ۾ امن قائم رهي ۽ دهشتگردي خلاف اثرائتيون ڪارروائيون جاري رهن.