اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام سان مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر ۽ آزاد ڄمون ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شاهه غلام قادر ملاقات ڪئي. جاري بيان مطابق ملاقات ڪشمير معاملن واري وزارت ۾ وفاقي وزير جي آفيس ۾ ٿي. ملاقات دوران ڪشمير جي موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن …
وفاقي وزير انجينئر امير مقام سان آزاد ڪشمير جي مسلم ليگ (ن) جي صدر غلام قادر جي ملاقات
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام سان مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر ۽ آزاد ڄمون ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شاهه غلام قادر ملاقات ڪئي. جاري بيان مطابق ملاقات ڪشمير معاملن واري وزارت ۾ وفاقي وزير جي آفيس ۾ ٿي. ملاقات دوران ڪشمير جي موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.












