اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، مٿانهين وارن علائقن ۾ شام/ رات جي وقت ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي، خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، مٿانهين وارن علائقن ۾ شام/ رات جي وقت ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته رات ۽ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو ڇائنيل رهيو. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه، گلگت، بابوسر ۾ ڪاٽو 06، اسڪردو ۾ ڪاٽو 04، بگروٽ، گوپس ۾ ڪاٽو 03 ۽ قلات ۾ ڪاٽو 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.












