ڪوالالمپور-08 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪوالالمپور ۾ ملائيشيا جي نمائندن واري ايوان جي اسپيڪر تان سري داتو ڊاڪٽر جوهري بن عبدل سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ پُراڻن ڀائپيءَ وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن وچ ۾ مسلسل رابطن کي ساراهيندي سياسي، معاشي ۽ پارلياماني شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي ملائيشيا جي نمائندن واري ايوان جي اسپيڪر سان ملاقات
ڪوالالمپور-08 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪوالالمپور ۾ ملائيشيا جي نمائندن واري ايوان جي اسپيڪر تان سري داتو ڊاڪٽر جوهري بن عبدل سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ پُراڻن ڀائپيءَ وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن وچ ۾ مسلسل رابطن کي ساراهيندي سياسي، معاشي ۽ پارلياماني شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جا لاڳاپا گڏيل قدرن، ثقافتي قربت ۽ گڏيل احترام تي ٻَڌل آهن ۽ـ پاڪستان ملائيشيا سان ڀائيواري ۽ ڀائپيءَ وارن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. هن ٻنهي ملڪن جي مضبوط، جمهوري روايتن ۽ متحرڪ پارلياماني نظام کي ساراهيندي پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي قيام کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اعليٰ سطحي پارلياماني مٽاسٽا ۽ مسلسل ويهڪون ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن تازي ٻوڏ دوران ملائيشيا طرفان فراهم ڪيل امداد تي ملائيشيا جي حڪومت جو ٿورو مڃيو. ملاقات ۾ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ويجهو سهڪار خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف جي ملائيشيا جي تازي دؤري ۽ گذريل سال ملائيشيا جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دؤري کي ٻه طرفن لاڳاپن جي مضبوطي جي علامت قرار ڏنو. هن ملائيشيا کي آسيان جي اثرائتي چيئرمين شپ ۽ 47هين آسيان سربراهي اجلاس جي ڪامياب بندوبست تي مبارڪ ڏني. سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۾ جاري ملائيشين سيڙپڪاري کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي ڪوالالمپور ۾ منعقد پاڪستان ملائيشيا بزنس اينڊ انويسٽمنٽ ڪانفرنس جو حوالو ڏنو. هن ٻڌايو ته پاڪستان خاص اقتصادي زونز ۽ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت سيڙپڪارن لاءِ خاص مراعتون متعارف ڪرايون آهن. هن چيو ته پاڪستاني افرادي قوت محنتي، پيشيوراڻي ۽ اعتماد جوڳي هجڻ ڪري ملائيشيا جي افرادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. هن فلسطيني عوام جي حقن لاءِ ملائيشيا جي موقف کي ساراهيندي چيو ته ان معاملي تي ملائيشيا جي قيادت مسلم دنيا ۾ احترام جوڳي ۽ تعريف جوڳي آهي. سينيٽ چيئرمين افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي افغان سرزمين تان ڪالعدم تنظيمن جي سرگرمين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته افغانستان سان معمول جا لاڳاپا موثر ۽ تصديق جوڳن قدمن سان مشروط آهن ته جيئن پاڪسستان جي سلامتي کي لاحق خطرن جو خاتمو ڪري سگهجي. هن ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڀارتي قدمن کي غير قانوني قرار ڏيندي عالمي قانونن جي پاسداري تي زور ڀريو. سيد يوسف رضا گيلاني 6 ۽ 7 مئي 2025ع جي ڀارتي اڳرائي جو حوالو ڏيندي گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پاڪستان جي دفاع واري حق تي زور ڀريو ۽ چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي تحفظ لاءِ پر عزم آهي ۽ خطي ۾ امن ۽ پر امن بقا جو خواهشمند به آهي.












