وفاقي وزير انجينئر امير مقام جي صدارت هيٺ خيبر پختونخوا ۾ سيلولر سروسز بابت اجلاس منعقد

اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام جي صدارت ۾ وزارت ۾ خيبر پختونخوا ۾ سيلولر سروسز سان لاڳاپيل اجلاس منعقد ٿيو. جاري بيان مطابق اجلاس ۾ آءِ ٽي وزارت، پي ٽي اي جي سينئر اختيارين ۽ مختلف سيلولر ڪمپينن جي سينئر نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير انجينئر امير مقام صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ناقص موبائل …

اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام جي صدارت ۾ وزارت ۾ خيبر پختونخوا ۾ سيلولر سروسز سان لاڳاپيل اجلاس منعقد ٿيو. جاري بيان مطابق اجلاس ۾ آءِ ٽي وزارت، پي ٽي اي جي سينئر اختيارين ۽ مختلف سيلولر ڪمپينن جي سينئر نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير انجينئر امير مقام صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ناقص موبائل ۽ انٽرنيٽ سروسز تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. هن هدايت ڪئي ته فائبر آپٽڪ جي تنصيب لاءِ واضح ۽ قابل عمل منصوبو فوري طور تي تيار ڪيو وڃي ته جئين عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن. سينئر مينيجر سوات اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پورن، بيلي بابا، ڪانڙا، ڪابلگرام، چوگا، مکوزي، شاهپور ۽ اولندر سميت ٻين علائقن ۾ فائبر جي تنصيب ۽ اپ گريڊيشن سان لاڳاپيل نظرثاني ٿيل پلان هڪ هفتي اندر تيار ڪيو ويندو. وفاقي وزير، سيلولر ڪمپينن کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي سروي لاءِ ٽيمون علائقي ۾ موڪليون وڃن ته جئين سروسز ۾ بهتري آڻي سگهجي. هن لاڳاپيل ادارن کي هنگامي بنيادن تي قدم تيز ڪرڻ جي به تاڪيد ڪئي.