اسلام آباد - 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر پورٽ سٽي ۾ بجلي جي فراهمي ۾ درپيش مسئلن جي حل لاءِ جامع منصوبي تي فوري عملدرآمد جي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته 100 ميگاواٽ سولر پراجيڪٽ سان گلگت بلتستان ۾ ماحولياتي لحاظ کان صاف بجلي جي بنا رڪاوٽ ۽ مستحڪم فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي ۽ معاشي ترقي وفاقي …
وزيراعظم پاران گوادر پورٽ سٽي ۾ بجلي جي فراهمي ۾ درپيش مسئلن جي حل لاءِ جامع منصوبي تي فوري عملدرآمد جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر پورٽ سٽي ۾ بجلي جي فراهمي ۾ درپيش مسئلن جي حل لاءِ جامع منصوبي تي فوري عملدرآمد جي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته 100 ميگاواٽ سولر پراجيڪٽ سان گلگت بلتستان ۾ ماحولياتي لحاظ کان صاف بجلي جي بنا رڪاوٽ ۽ مستحڪم فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي ۽ معاشي ترقي وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت بجلي جي شعبي ۾ جاري سڌارن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عهديدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم خصوصي طور تي هدايت ڪئي ته گوادر پورٽ سٽي کي بنا رڪاوٽ، مناسب قيمت ۽ ڀروسي جوڳي بجلي جي فراهمي جي منصوبن تي سمورا لاڳاپيل ادارا هم آهنگي سان ڪم ڪن، گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ جي سولر پراجيڪٽ تي فوري عملدرآمد شروع ڪيو وڃي، 100 ميگاواٽ سولر پراجيڪٽ سان گلگت بلتستان ۾ ماحولياتي لحاظ کان صاف بجلي جي بنا رڪاوٽ ۽ مستحڪم فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي ۽ معاشي ترقي وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، گلگت بلتستان ۾ صنعتي سرگرمين، سيڙپڪاري ۽ معاشي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، بجلي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ احسن اقبال جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي ۽ توانائي واري وزارت جون سفارشون ۽ قدم ساراهه جوڳا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته تيار ڪيل جامع حڪمت عملي ۾ شامل فوري، گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي وارن پراجيڪٽس تي توانائي واري وزارت موثر عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، گوادر ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي ملڪي معاشي سرگرمين ۽ سيڙپڪاري ۾ ترقي کي يقيني طور تي وڌائڻ جو سبب بڻجندي، صنعتن ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ قائم ڪيل صنعتن جي لاءِ بجلي جي فراهمي کي علائقائي ۽ عالمي معيار موجب ڪيو وڃي. هن چيو ته بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ ٻين سهولتن سان گوادر جي بندرگاهه دنيا جي بهترين بندرگاهه ۽ مستقبل ۾ معاشي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويندي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري پاور سيڪٽر ۾ جاري منصوبن تي بريفنگ دوران ٻڌايو ته گوادر ۾ توانائي واري وزارت پاران فوري قدمن جي ڪري بجلي جي فراهمي ۾ تعطل کي 42 سيڪڙو اڳ ۾ ئي گهٽ ڪيو ويو آهي، بجلي جي فراهمي ۾ تعطل ختم ڪرڻ کانپوءِ ايندڙ 6 مهينن ۾ گوادر ۾ فراهم ڪيل بجلي جي وولٽيج کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پڻ جامع پلان جوڙيو ويو آهي، گوادر ۾ گهريلو ۽ ڪاروباري صارفين کي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر ۽ ڪارائتا قدم کنيا پيا وڃن، گهٽ مدي واري پراجيڪٽس ۾ ايندڙ 8 کان 12 مهينن ۾ وڏن سرڪاري ادارن ۾ 9.7 ميگاواٽ جي سولر ڪيپيسٽي هنئي ويندي، گوادر جي ڊگهي مدي واري پراجيڪٽس ۾ 40 ميگاواٽ جو منصوبو مستحڪم بجلي جي سپلاءِ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هنيو ويندو، گوادر ۾ جاري صنعتي ۽ معاشي ترقي، گوادر جي بندرگاهه ۽ شهري علائقن ۾ توسيع جي ڪري ايندڙ سالن ۾ بجلي جي طلب ۾ 30 سيڪڙو اضافي جو امڪان آهي، گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ جو سولر پراجيڪٽ ٻن حصن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ 18 ميگاواٽ ڇتن تي سولر پروگرام ۽ 82 ميگاواٽ يوٽيلٽي اسڪيل سولر تي ٻڌل آهي، گلگت بلتستان ۾ ڇتن ۽ يوٽيلٽي سطح تي سولر پراجيڪٽ کي 2027ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ توانائي واري وزارت گڏيل پراجيڪٽس سان حڪومت کي ساليانو هڪ ارب رپين جي بچت ٿيندي، حڪومت گلگت بلتستان بجلي جي منصوبن جي لاءِ زمين، مواصلات، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي مقرر وقت ۾ يقيني بڻائيندي.











