مسلمان ملڪن کي رڳو بيانن تائين محدود رهڻ بجاءِ عملي ۽ مربوط معاشي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي جا نوان رستا کولي سگهجن: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني جو ٽئين گلوبل مسلم بزنس فورم 2025ع کي خطاب

ڪوالالمپور-08 ڊسمبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني ڪوالالمپور ۾ منعقد ٽئين گلوبل مسلم بزنس فورم 2025ع کي خطاب ڪندي چيو ته مسلمان ملڪن کي رڳو بيانن تائين محدود رهڻ بجاءِ عملي ۽ مربوط معاشي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي جا نوان رستا کولي سگهجن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل منصوبن، ٽيڪنالاجي جي مٽا سٽا ۽ ڪاروباري سهڪار ذريعي …

ڪوالالمپور-08 ڊسمبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني ڪوالالمپور ۾ منعقد ٽئين گلوبل مسلم بزنس فورم 2025ع کي خطاب ڪندي چيو ته مسلمان ملڪن کي رڳو بيانن تائين محدود رهڻ بجاءِ عملي ۽ مربوط معاشي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي جا نوان رستا کولي سگهجن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل منصوبن، ٽيڪنالاجي جي مٽا سٽا ۽ ڪاروباري سهڪار ذريعي مسلمان ملڪ پنهنجي اجتماعي معاشي صلاحيتن کي ڀرپور انداز ۾ ڪتب آڻي سگهن ٿا. ان موقعي تي فورم ۾ انڊونيشيا مان پروفيسر دين شام الدين، برطانيا مان سر اقبال سڪريني، اسلامي چيمبر آف ڪامرس، انڊسٽري اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊائريڪٽر سميت عالمي سطح جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني اسلامي مالياتي نظام، فن ٽيڪ ۽ پائيدار سيڙپڪاري کي مسلم دنيا ۾ معاشي استحڪام ۽ ترقي جو اهم ذريعو قرار ڏنو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي بنا جٽادار معاشي ترقي ممڪن ناهي، ان لاءِ مسلمان ملڪن کي تحقيق ۽ ترقي تي زور ڏيڻ گهرجي. هن پاڪستان ۾ موجود اڀرندڙ معاشي موقعن تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان جا نوجوان ۽ باصلاحيت آبادي وڌندڙ صارفين جي منڊي ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ ماحولياتي نظام ۾ سيڙپڪارن لاءِ شاندار موقعا فراهم ڪري رهي آهي. هن ملائيشيا جي ڪاروباري حلقن کي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ذريعي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن جي دعوت ڏني. سينيٽ چيئرمين پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مسلمان ملڪن کي خطابن ۽ نعرن کان اڳيان وڌي عملي قدمن، مضبوط واپاري نيٽ ورڪ، سيڙپڪاري جي اثرائتي نظام ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو بنياد رکڻ گهرجي.هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال مسلم دنيا جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجي حصيدار ملڪن سان هر سطح تي سهڪار لاءِ تيار آهي. هن چيو ته گڏيل اتحاد، گڏيل ويزن ۽ عملي سهڪار ئي مسلمان دنيا کي معاشي طور پاڻڀرو ۽ عالمي سطح تي مضبوط بڻائڻ جو واحد رستو آهي.