ڪارڪنن ۽ عوام لاءِ گورنر هائوس جا دروازا هر وقت کليل آهن: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور -08 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته پيپلز پارٽي جي مخلص ڪارڪنن ۽ عوام لاءِ گورنر هائوس جا دروازا هر وقت کليل آهن. اسان سڀني کي پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار جا هٿ مضبوط ڪري پاڪستان ۽ صوبي جي مستقبل جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. انهن خيالن جوا ظهار هن پارٽي جي سينئر اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي …

پشاور -08 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته پيپلز پارٽي جي مخلص ڪارڪنن ۽ عوام لاءِ گورنر هائوس جا دروازا هر وقت کليل آهن. اسان سڀني کي پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار جا هٿ مضبوط ڪري پاڪستان ۽ صوبي جي مستقبل جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. انهن خيالن جوا ظهار هن پارٽي جي سينئر اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.  گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪندڙ وفد ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي نائب صدر سيد ايوب شاهه ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪئي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پارٽي قيادت طرفان مون تي جيڪو اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آهي ان تي پورو لهڻ جي هر وقت ڪوشش ڪري رهيو آهيان. گورنر هائوس جا دروازا ڪارڪنن ۽ عوام لاءِ هر وقت کليل آهن. پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب صوبي ۾ وومين امپاورمينٽ يوٿ انگيجمينٽ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اسان گورنر هائوس ذريعي صوبي جي سافٽ اميج کي روشن ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيون. هن چيو ته پارٽي جي تنظيم کي جتي به ضرورت پئي مون انهن سان  پنهنجو هر ممڪن سهڪار ڪيو. ان موقعي تي پارٽي جي اڳواڻن گورنر طرفان  رابطا عوام مهم ۽ ڪارڪنن لاءِ گورنر هائوس جا دروازا کليا رکڻ تي ۽ سندس سرپرستي ڪرڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. هنن چيو ته صوبي جي تاريخ ۾ پهريون گورنر آهي جنهن عوام سان گڏوگڏ پارٽي ڪارڪنن کي به ڀرپور عزت ڏني ۽ انهن لاءِ پنهنجا دروازا کليا رکيا آهن. ان موقعي تي پارٽي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.