اسلام آباد -08 ڊسمبر (اي پي پي ) گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بابت وفاقي وزير محسن نقوي عربي سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي بابت ڪامياب آپريشن تي پاڪ بحريه جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن 30 لک ڊالرن جي ماليت جي 1500 ڪلو گرام منشيات ضبط ڪرڻ کي هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته پاڪ بحريه پنهنجي روايتي مهارت جو مظاهرو ڪندي منشيات جي …
عربي سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي بابت ڪامياب آپريشن تي پاڪ بحريه جون پيشيوراڻيون صلاحيتون ساراهه جوڳيون آهن: گهرو وزير محسن نقوي
اسلام آباد -08 ڊسمبر (اي پي پي ) گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بابت وفاقي وزير محسن نقوي عربي سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي بابت ڪامياب آپريشن تي پاڪ بحريه جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن 30 لک ڊالرن جي ماليت جي 1500 ڪلو گرام منشيات ضبط ڪرڻ کي هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته پاڪ بحريه پنهنجي روايتي مهارت جو مظاهرو ڪندي منشيات جي وڏي کيپ پڪڙي جيڪو ساراهه جوڳو ڪارنامو آهي. محسن نقوي ان ڪامياب ڪارروائي تي نيول چيف ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ يمامه جهاز جي عملي کي خصوصي مبارڪون ڏنيون. هن جهاز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اهو ڪامياب آپريشن پاڪ بحريه جي اعليٰ پيشيوراڻي جو ثبوت آهي ۽ پوري قوم کي بحريه جي انهن جانبازن تي فخر آهي جيڪي سامونڊي حدن جي حفاظت سميت سان غير قانوني سرگرمين جي روڪ ٿام ۾ به بهتر ڪتدار ادا ڪري رهيا آهن. گهرو وزير چيو ته منشيات خلاف اها ڪارروائي پاڪستان کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ جي قومي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي . سندس چوڻ هو ته پاڪ بحريه سمنڊ ۾ ٿيندڙ غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ لاءِ هر وقت هر وقت تيار آهي ۽ ان طرح جون آپريشنز ملڪي سلامتي ۽ معاشري کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ لاءِ اهم حيثيت رکن ٿيون.












