اسلام آباد - 08 ڊسمبر (اي پي پي) سال 2025ع جي آخري ملڪ گير پوليو مھم 15 کان 21 ڊسمبر تائين منعقد ڪئي ويندي. قومي ايمرجنسي جي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان جاري ڪيل بيان مطابق پوليو مھم ۾ 4 ڪروڙ 50 لکن کان وڌيڪ ٻارن کي سڄي زندگي جي معذوري کان محفوظ بڻائڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف رکيو ويو آهي، مھم ۾ 4 لکن …
سال 2025ع جي آخري ملڪ گير پوليو مھم، 15 کان 21 ڊسمبر تائين منعقد ڪئي ويندي، 4 ڪروڙ 50 لک ٻارن کي پوليو ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر: اين اي او سي
اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) سال 2025ع جي آخري ملڪ گير پوليو مھم 15 کان 21 ڊسمبر تائين منعقد ڪئي ويندي. قومي ايمرجنسي جي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان جاري ڪيل بيان مطابق پوليو مھم ۾ 4 ڪروڙ 50 لکن کان وڌيڪ ٻارن کي سڄي زندگي جي معذوري کان محفوظ بڻائڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف رکيو ويو آهي، مھم ۾ 4 لکن کان وڌيڪ فرنٽ لائن پوليو ورڪرز پنھنجون ذميواريون ادا ڪندا. پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ، سنڌ ۾ 1 ڪروڙ 6 لک کان وڌيڪ، خيبرپختونخواهه ۾ 72 لک کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ 26 لک کان وڌيڪ، اسلام آباد ۾ 4 لک 60 ھزار کان وڌيڪ. گلگت -بلتستان ۾ 2 لک 28 ھزار کان وڌيڪ ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 7 لک 60 ھزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. اين اي او سي جي اختيارين اپيل ڪئي آھي ته والدين پوليو ورڪرز سان تعاون ڪن ۽ پنھنجن ٻارن جي ويڪسينيشن يقيني بڻائين ۽ پيدائش کان 15 مھينن تائين سمورن ٻارن کي حفاظتي ٽڪن جو ڪورس به وقت تي مڪمل ڪرائين.












