اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردي خلاف ان جنگ ۾ سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن ۾ فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيندي چيو …
وزيراعظم شهباز شريف پاران قلات ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردي خلاف ان جنگ ۾ سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن ۾ فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيندي چيو ته عزم استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف هن جنگ ۾ سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته سڄي قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي ۽ ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.












