راولپنڊي -07 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس رليز موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع هو. آپريشن دوران فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي اثرائتو نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 دهشتگرد …
سيڪيورٽي فورسز قلات ۾ ڀارتي حمايت يافته تنظيم فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر
راولپنڊي -07 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس رليز موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع هو. آپريشن دوران فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي اثرائتو نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگردن وٽان هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو. اهي دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن ڪنهن ٻي ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد کي ختم ڪري سگهجي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان قومي ايڪشن پلان بابت وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظوري موجب عزم استحڪام جي ويزن تحت بنا رڪاوٽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مهم جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي ناسور کي مڪمل ختم ڪيو وڃي.












