اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) و وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قلات ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪندي چيو ته قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير 12 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. سيڪيورٽي فورسز …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران قلات ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه
اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) و وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قلات ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪندي چيو ته قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير 12 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. سيڪيورٽي فورسز قلات ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڀارتي حمايت يافته ددهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. محسن نقوي چيو ته بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي ڪٿي به لڪڻ نه ڏينداسين، قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشنز جاري رهندا.












