اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽانڪ ۽ لڪي مروت ۾ ڀارتي حمايت يافته سرگرم فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر 9 خوارج جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي کي ساراهيو. هن شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي سلام پيش ڪندي چيو …
صدر آصف علي زرداري پاران ٽانڪ ۽ لڪي مروت ۾ ڀارتي حمايت يافته سرگرم فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽانڪ ۽ لڪي مروت ۾ ڀارتي حمايت يافته سرگرم فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر 9 خوارج جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي کي ساراهيو. هن شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي سلام پيش ڪندي چيو ته الله جي فضل سان قوم ۽ فورسز جو عزم ان فتني جي خاتمي تائين برقرار رهندو. صدر ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي فورسز جي حوصلي جي تعريف ڪئي.












