وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ٽانڪ ۽ لڪي مروت ۾ دهشتگردن خلاف 2 ڌار ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر پختونخوا جي ضلعن ٽانڪ ۽ لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ٻن ڌار ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشن ۾  فتنه الخوارج جي 9 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪندي چيو ته عزم ۽ استحڪام …

اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر پختونخوا جي ضلعن ٽانڪ ۽ لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ٻن ڌار ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشن ۾  فتنه الخوارج جي 9 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪندي چيو ته عزم ۽ استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. سموري قوم دهشتگردي خلاف ان جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم  محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.