وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان سيالڪوٽ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيز ڪلسٽر جي ملاقات

اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان سيالڪوٽ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيز ڪلسٽر ملاقات ڪئي، ملقات ۾ ايس ايم ايز جي مسئلن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. جاري بيان وجب ملاقات ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري، وقتي سي اي او ۽ سميڊا ۽ سيالڪوٽ چيمبر جي نمائندن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ ايس ايم ايز جي مسئلن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ته مائيڪرو، …

اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان سيالڪوٽ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيز ڪلسٽر ملاقات ڪئي، ملقات ۾ ايس ايم ايز جي مسئلن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. جاري بيان وجب ملاقات ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري، وقتي سي اي او ۽ سميڊا ۽ سيالڪوٽ چيمبر جي نمائندن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ ايس ايم ايز جي مسئلن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ته مائيڪرو، سمال ۽ ميڊيم انٽر پرائيزز پاڪستان جي معيشت جي انجڻ آهن. ان موقعي تي هارون اختر چيو ته سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز لاءِ فڪسڊ ٽيڪس رجيم لاءِ حڪومت ڪوششون ڪري رهي آهي، بجلي جي کپت تي نئين مراعاتي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو، صنعتن لاءِ وڌيڪ يونٽ استعمال ڪرڻ تي بجلي جو اگهه گهٽ ٿي ويندو. هارون اختر سرجيڪل انسٽرومينٽ جي ايڪريڊيٽيشن لاءِ سميڊا ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته موجوده ليباريٽريز جو معيار بهتر بڻائي عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ڪئي وڃي.