سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا ۾ 2 ڌار ڌار ڪارروائين دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي -06 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ 2 ڌار ڌار ڪارروائين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز ٽانڪ ضلعي ۾ هڪ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران پاڪ فوج دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ۽ شديد …

راولپنڊي -06 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ 2 ڌار ڌار ڪارروائين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز ٽانڪ ضلعي ۾ هڪ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران پاڪ فوج دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي مٽاسٽا کان پوءِ 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. سيڪيورٽي فورسز لڪي مروت ضلعي ۾ به خوارج خلاف ڳجهي اطلاع تي ٻڌل هڪ ٻيو آپريشن ڪيو جتي فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ وڌيڪ 2 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ڀارت جي حمايت يافته سرگرم انهن خوارج دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو. اهي سمورا دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين  ۽ بيگناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. نيشنل ايڪشن پلان بابت وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظوري موجب عزم استحڪام تحت جاري سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دهشتگردي خلاف ڀرپور مهم پوري طاقت سان جاري رهندي ته جيئن پرڏيهي حمايت يافته يافته دهشتگردي جي ناسور کي ملڪ مان هميشه لاءِ ختم ڪري سگهجي.