ميجر شبير شريف شهيد جي بي مثال بهادري ۽ فرض جو لازوال لڳاءَ قومي فخر جي علامت آهي:آءِ ايس پي آر

راولپنڊي -06 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو  پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان ميجر شبير شريف شهيد (نشان حيدر) جي 54هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندس بي مثال بهادري ۽ فرض جو لازوال لڳاءُ  قومي فخر …

راولپنڊي -06 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو  پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان ميجر شبير شريف شهيد (نشان حيدر) جي 54هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندس بي مثال بهادري ۽ فرض جو لازوال لڳاءُ  قومي فخر جي علامت آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس پڌرائي موجب ميجر شبير شريف شهيد جنهن کي 1965ع جي جنگ ۾ بهادري تي ستاره جرئت سان به نوازيو ويو، کيس 1971 ع جي جنگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سليمانڪي هيڊ ورڪس ويجهو هڪ انتهائي اهم اسٽريٽجڪ پوزيشن کي محفوظ بڻائن جي ذميواري ڏني وئي. 6/5  ڊسمبر  جي رات هن غير معمولي بهادري سان پنهنجي ڪمپني جي قيادت ڪئي. دشمن سان سڌي ريت وڙهيو ۽ حملو ڪندڙ 4 جاٽ رجمينٽ جي ڪمانڊر ميجر نرائن سنگهه کي جهنم ڀيڙو ڪيو. 6 ڊسمبر جي ڏهاڙي هن دشمن جي ڪيترن ئي جوابي حملن کي ناڪام بڻايو ۽ پاڻ اڳتي وڌندڙ ٽينڪن کي تباهه ڪيو. هن قبضو ڪيل پوزيشن کي مضبوطي سان سنڀاليو ۽ مسلسل حملن جو ڀرپور مقابلو ڪندي ان وقت شهيد ٿي ويو جڏهن هن تي هڪ ڀارتي ٽينڪ جو گولو اچي ڪريو. فوجي قيادت چيو ته باهه جي شعلن ۾ ميجر شبير شريف شهيد جي غير معمولي قيادت وطن سان بي پناهه وابستگي ۽ عظيم قرباني پاڪستان آرمي جي اعليٰ ترين روايتن جي عڪاسي ڪري ٿي. هنن جو چوڻ هو ته ميجر شبير شريف شهيد جي بهادري اڄ به قوم جي خدمت ڪندڙن لاءِ مشعل راهه آهي. فوجي قيادت چيو ته هٿياربند فوج پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي جي حفاظت لاءِ جان قربان ڪندڙ سمورن شهيدن جو مڪمل  احترام ڪري ٿي.