اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبر پختونخوا ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ٻن ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي 9 خوارجين کي مارڻ تي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو آهي. گهرووزارت پاران جاري بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائيون ڪري خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو. خوارجين جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فورسز …
گهرو وزير محسن نقوي پاران 2 ڪامياب آپريشنز دوران 9 خوارجين جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبر پختونخوا ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ٻن ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي 9 خوارجين کي مارڻ تي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو آهي. گهرووزارت پاران جاري بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائيون ڪري خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو. خوارجين جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ پيشيواراڻي صلاحيت تي فخر آهي، فتنه الخوارج جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون وڏيون ڪاميابيون گڏ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز پرعزم آهي











