اسلام آباد ۾ پاڪ ڪوريا سولر پينل ٽيسٽنگ ليبارٽري جو افتتاح

اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ پاڪ ڪوريا سولر پينل ٽيسٽنگ ليبارٽري جو افتتاح ڪيو ويو آهي. هتي جاري بيان مطابق اسلام آباد ۾ افتتاحي تقريب ۾ ڪويڪا جي صدر ۽ جمهوريه ڪوريا جي سفير شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير خالد مگسي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن مطابق پاڪستان ۽ ڪوريا جي حصيداري وڌائي پئي وڃي، ڪويڪا جي 9.5 ملين ڊالر گرانٽ …

اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ پاڪ ڪوريا سولر پينل ٽيسٽنگ ليبارٽري جو افتتاح ڪيو ويو آهي. هتي جاري بيان مطابق اسلام آباد ۾ افتتاحي تقريب ۾ ڪويڪا جي صدر ۽ جمهوريه ڪوريا جي سفير شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير خالد مگسي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن مطابق پاڪستان ۽ ڪوريا جي حصيداري وڌائي پئي وڃي، ڪويڪا جي 9.5 ملين ڊالر گرانٽ سان ملڪ جي پهرين منظور ٿيل پي وي ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ٿي آهي. پي ايس ڊي پي، پاڪ ڪوريا ٽيسٽنگ ليبارٽري لاءِ 185.8 ملين روپيا فراهم ڪيا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت مطابق ليبارٽري لاءِ اسلام آباد ۾ 8 ڪينال زمين فراهم ڪئي وئي، نئين ليباريٽري پاڪستاني مينوفيڪچررز کي يورپ ۽ وچ ايشيا ۾ سولر پينلز روانگي واپار ڪرڻ ۾ سهولت ڏيندو. ڪويڪا جي صدر چيو ته پاڪستان شمسي توانائي جي وسيع موقعن مان صاف ۽ سبز توانائي طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي، ڪوريا پاڪستان جي سولر پي وي ماڊيولز جي عالمي معيار تي تصديق ۾ سهڪار ڪندو. سندس چوڻ هو ته ڪوريا ۽ پاڪستان حصيداري کي مستحڪم ۽ سهڪار کي وسعت ڏني آهي.